اشو آف دي ڊي … جوهي بچايو، بجلي بحال ڪريو: ٽوئيٽر تي عوام جو مطالبو

0
186

 سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي “جوهي بچايو، جوهي جي بجلي بحال ڪريو” مهم هلائي وئي، سيو جوهي، ري اسٽور اليڪٽرڪ سٽي ٽرينڊ هلايو ويو. ٽرينڊ ۾ حصو وٺندي فاروق سومرو لکيو ته سرڪار ۽ انتظاميا جوهي کي هر وقت جنگ جي ميدان ۾ ڇو ٿي رکڻ چاهي؟ اڳ ۾ ٻڏڻ لاءِ ڇڏيو ويو هاڻي وري گرمي ۾ مارڻ لاءِ، جوهي جي چوڌاري پاڻي، ڪيمپن ۾ بک ۽ بيماري ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٻن ڏينهن کان بجلي بند، سرڪار شهر کي ٻوڏ کان بچائڻ جي سزا ته نه پئي ڏئي. جوهي واسي ٻوڏ سان ته منهن ڏئي ويا پر لڳي ٿو سرڪار ۽ سيپڪو وارا کين گرمي ۽ بيمارين ۾ مارڻ چاهين ٿا. فاروق لغاري لکيو ته جوهي تعلقي جي بجلي بحال ڪريو، عزيز ڪنگراڻي لکيو ته جوهي تعلقي کي شهرين شهرين بند ٻڌي ٻوڏ کان بچايو آهي پر خطرو اڃا به برقرار آهي، پر اهو علائقو اوندهه ۾ ٻڏل آهي. جوهي بچايو وڃي بجلي بحال ڪئي وڃي، علي رند لکيو ته جوهي واسين پنهنجي ٻڌي سان ٻوڏ کي شڪست ڏني ان جو صلو ضرور ملڻ گهرجي نه ڪي سزا، جوهي تعلقي ۾ بجلي ناهي، لاڳاپيل اختياريون ڪڏهن جاڳنديون؟ واپڊا وفاق جي ماتحت آهي پ پ حڪومت ۾ آهي اها پ پ جي ناڪامي آهي ته جنگجوئن جي شهر ڪيترن ئي ڏينهن کان اوندهه ۾ ٻڏل آهي، بي عملي، بي حسي، سستي ڇو ؟ خادم جسڪاڻي لکيو ته جوهي کي وارننگ ڏني وئي هئي ته شهر خالي ڪريو يا مڪمل ٻڏي ويندا، جوهي وارن ميدان تي بيهي ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ بند ٻڌي شهر بچائي ورتو پر هن وقت فني خرابي شهر کي اوندهه ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، ان جو مقابلو ڪيئن ڪيو وڃي، عبدالغفار ٿهيم لکيو ته هن وقت منهنجو شهر جوهي ٻيٽ جهڙو لڳي رهيو آهي، بجلي جي بندش شهرين جي پريشاني وڌائي رهي آهي، ذيشان علي لکيو ته پهرين ٻوڏ، پوءِ خوراڪ جي کوٽ، پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، هاڻي بجلي به ناهي، جوهي کي بچايو، بجلي بحال ڪريو، علي اڪبر لکيو ته جوهي جو عوام جدوجهد تي يقين رکي ٿو، ان ڪري کين سنڌ جو هيرو سڏيو وڃي ٿو، هنن پنهنجو شهر ٻڏڻ کان بچائي ورتو پر هن وقت بجلي ناهي، جوهي کي بجلي ڏني وڃي. سرمد لکيو ته جوهي ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ آهي، شهر اڃا به ٻوڏ جي پاڻي کي منهن ڏئي رهيو آهي، بجلي بحال ڪئي وڃي، عاجر جمالي لکيو ته بجلي واري وزارت ڪٿي آهي؟ واپڊا ڪٿي آهي؟ جوهي جي بجلي بحال ڪئي وڃي. سلطان احمد لکيو ته بجلي کانسواءِ هن شديد گرمي ۾ ماڻهو ڪيئن زنده رهي سگهن ٿا؟ امجد سومرو لکيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کي اپيل آهي ته نوٽيس ورتو وڃي جوهي اڳ ئي ڪيترن ئي پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، بجلي کان به محروم ڪيو ويو آهي، اظهار ابڙو لکيو ته جوهي کي پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت آهي جيڪا بجلي جي فراهمي سان ئي ممڪن آهي، انساني حياتيون بچايون وڃن بجلي بحال ڪئي وڃي، جمال ناصر لاشاري لکيو ته جوهي ٻوڏ سبب شديد مشڪلاتن جو شڪار آهي، رهواسي شهر بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، بجلي جو مسئلو حل ڪيو وڃي، احسان ٻٻر لکيو ته اسان جوهي واسي ٻوڏ جو شڪار آهيون، دوائن، کاڌي پيتي سوڌو بنيادي ضرورت وارين شين جي کوٽ سوڌو بجلي به بند آهي، لاڳاپيل اختياريون فوري طور قدم کڻن، عبدالغفار ٿهيم لکيو ته ٻيٽ جهڙو ڏيک ڏيندڙ جوهي-دادو جا رهواسي بجلي نه هجڻ ڪري ڪيئن زنده رهي سگهن ٿا، سليم ٻٻر لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي اپيل ڪريون ٿا ته جوهي جي بجلي بحال ڪئي وڃي، مقبول احمد لکيو ته جوهي جي ماڻهن حڪومت کانسواءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت مها ٻوڏ کي منهن ڏنو، هن وقت شهر ۾ بجلي ناهي، قربان بلوچ لکيو ته ٻوڏ جهڙي صورتحال جوهي واسين جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آهي، بجلي نه هجڻ سبب پاڻي جي فراهمي، تيل جي فراهمي، کاڌي پيتي جي فراهمي سوڌو بيمارين جهڙن مسئلن کي به منهن ڏئي رهيا آهن، هنگامي طور تي بجلي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، حميد سومرو لکيو ته بجلي بحال ڪئي وڃي، ويڪسينز سوڌو مختلف دوائن لاءِ ٽيمپريچر برقرار رکڻ مشڪل ٿي ويو آهي، متاثرن جي ڪيمپن ۾ اڳ ئي مليريا، ڊائريا پکڙجي وئي آهي. محمد سعيد رند، خادم کوسو، ابو انشاء، امان سومرو، ميان بخش رستماڻي، فيروز رند،  عامر راز، مير مرتضيٰ جمالي، رياض حسين، ايڊووڪيٽ شاهد حسين، محمد موسيٰ رند ۽ ٻين پڻ ٽرينڊ ۾ حصو ورتو.