اشو آف دي ڊي “تهمينا خلجي سان انصاف ڪريو” سوشل ميڊيا تي مطالبو

0
454

تهمينا خلجي سان انصاف ڪيو وڃي، سوشل ميڊيا تي اهڙو مطالبو ڪيو ويو، جسٽس وٿ تهمينه خلجي هيش ٽيگ ٽرينڊ به هلايو ويو، ان سلسلي ۾ امر سنڌو تهمينه خلجي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي خيرپور ضلعي جي ننڍڙي شهر کهڙا سان تعلق رکندڙ تهمينه خلجي آهي جيڪا گهر جي ڪم ڪار ڪيتري ئي وقت کان پنهنجي بائيڪ هلائيندي آهي مرداڻا ڪپڙا پائيندي آهي ڪڏهن اين جي اوز ۾ ڪم به ڪندي هئي پر وقت ۽ حالتن اهڙي طرح مجبور ڪيو جو هاڻي هڪ زهني معذور ڀاءُ سان گڏ اڪيلي رهندي آهي، کهڙا جي ايس ايچ او بائيڪ جي ڪاعذن جو بهاڻو بڻائي پنهنجي پرائيويٽ گاڏي ۾ کنيو، مزاحمت تي کيس زخم به رسيا، گاڏي ۾ اهو شخص به موجود هو جنهن جي نظر تهمينه جي گهر ۾ آهي، ايس ايچ او پاران تهمينا سان بدتميزي ڪئي وئي، بقول تهمينا جي ته زيادتي جي ڪوشش به ڪئي وئي، وومين ايڪشن فورم پاران اهڙي معاملي تي ايس ايس پي خيرپور سان رابطو ڪيو ويو جنهن چيو ته جاچ ڪري رهيا آهيون، هن وڌيڪ لکيو ته هتي ڪجهه سوال آهن ته ايس ايچ او ڪنهن جي چوڻ تي ڪارروائي ڪئي، رات جو ڪنهن عورت کي بنا ليڊي پوليس اهلڪار جي جاچ لاءِ کنيو ويو؟ ڇا ان طرح سان جاچ ڪري سگهجي ٿي؟ ايس ايچ او خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪجي ٿو، تهمينا جو چوڻ آهي ته پاڙيسري جي نظر سندس گهر جي پلاٽ ۾ آهي، جنهن ڪري کيس علائقي مان ڪڍڻ چاهي ٿو. پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي صنم منگي لکيو ته ايس ايچ او کي فوري طور هٽايو وڃي، نائمه سعيد لکيو ته بس گهڻو ٿيو فيس بوڪ کان ٻاهر به مذمت ۽ تدارڪ جي ضرورت آهي، منير ڀرڳڙي لکيو ته ايس ايچ او کي سزا ڏيڻ گهرجي، غلام حيدر دائودپوٽا لکيو ته معاشرو وڏو ظالم ٿي ويو آهي، ڪو انسان پنهنجي مرضي سان شرافت جي زندگي نٿو گذاري سگهي، افسوس، حسين مسرت به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن تي صدرالدين ڀٽو، عامر علي، عمران وفائي راڄپر، جمال الدين نظاماڻي، مهتاب ڪمار، ذڪيه اعجاز، عابده محمود تهمينا سان انصاف ۽ ايس ايچ او خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، شوڪت نوناري تهمينا جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هن نياڻي مون سان رابطو ڪيو آهي هن سان کهڙا جي ايس ايچ او ظلم ڪيو آهي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي آهي، هن سان انصاف ڪيو وڃي.اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ۾ نعمت کهڙو ايس ايچ او جي ان عمل جي مذمت ڪئي، غازي جهنڊير ۽ جنيد انصاري لکيو ته معاملي جي شفاف جاچ کانپوءِ ايس ايچ او کي سخت سزا ڏني وڃي، سيرت آسيه بلوچ، ماروي ڪلهوڙو به واقعي جي مذمت ڪندي ايس ايچ او خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي، ظهير ميراڻي لکيو ته شڪايت درست آهي ته اسان گڏ آهيون، شاهنواز ڀٽي، آدم جانيارو، حيدر سنڌي، بيدار ايم ٻرڙو، عطا محمد، ناياب سرڪش، بخشل باغي، ناحيد اخبتر، عبدالغفور، صوفي خالده، مشتاق ميراڻي، زوار شاهه ۽ ٻين پڻ تهمينا سان انصاف جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي.