اشو آف دي ڊي … تعليمي مقصدن لاءِ قائم ڪيل عمارتون واپس تعليمي مقصدن لاءِ ڪتب آڻيو … گل ميتلو

0
310

تعليمي مقصدن لاءِ قائم ڪيل عمارتون واپس تعليمي مقصدن لاءِ ڪتب آڻيو، تعليمي هاسٽلن کي جيل، ٿاڻا ۽ بيرڪون بڻائڻ جو سلسلو ختم ڪريو، هت ڏنل ٻئي تصويرون تاريخي ميراث واري عمارت ميٺارام هاسٽل ڪراچي جون آهن. ميٺارام هاسٽل کي ناليواري آرڪٽيڪٽ جيمس اسٽريچن ڊيزائن ڪيو هيو. ايمپريس مارڪيٽ پڻ ساڳي آرڪيٽيڪٽ جو ڊيزائن ٿيل آهي. ميٺارام هاسٽل 1901 ۾ ٺهي راس ٿي هئي.

                         ميٺارام هاسٽل وچ شهر ۾ جتي ٺاهي وئي ان وقت اهو علائقو ڪراچي شهر جو مک تعليمي، ثقافتي، علمي، سياسي، راندين، اسپتالن ۽ پريسن ۽ ڪاروباري مرڪز هيو. جتي هر وقت ميلا ملاکڙا لڳا پيا هوندا هيا. ميٺارام کانسواءِ ٻيون به ڪجھه هاسٽلون اتي قائم هيون، جن تي پڻ زبردستي ناجائز قبضا ڪيا ويا آهن، جن ۾ جناح ڪورٽس جنهن جو اصلوڪو نالو ليسلي ولس هاسٽل هاسٽل هو، ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي ميڪلوڊ روڊ واري پراڻي هاسٽل، شيواڪنج هاسٽل ۽ ٻي نئين ميٺارام رام هاسٽل شامل آهن. هن هاسٽلن ۾ سنڌ بلوچستان  ۽ ٻين ڏورانهن ديسن جا شاگرد اچي رهي تعليم پرائيندا هيا. ميٺارام هاسٽل گاڏي کاتي جي اڀرندي ڪنڊ  تي موجود ليمبرٽ چوڪ مٿان اڏايل هئي. هن چوڪ جو نالو اڳتي هلي گانڌي چوڪ رکيو ويو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ وري هن جو نالو پاڪستان چوڪ پيو سڏجي.

پهرين تصوير 1937 جي نڪتل آهي. جڏهن هي عمارت جنهن مقصد لاءِ ٺاهي وئي هئي انهيء مقصد موجب هاسٽل طور استعمال هيٺ هئي. هن هاسٽل ۾ رهي هزارين شاگردن پنهنجي اعليٰ تعليم مڪمل ڪئي. جن ۾ ڪيئي نالي واريون شخصيتون شامل آهن. هن عمارت جي حيثيت هڪ تاريخي ورثي واري آهي.

ٻي تصوير تازي آهي. هي تاريخي ميراث واري عمارت 1992 کان رينجرس وٽ آهي. اڄڪلھه هن عمارت کي سب جيل طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. هاسٽل کي جيل ۾ تبديل ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي.

سنڌ جون تعليمي مقصدن لاءِ قائم ڪيل گهڻيون عمارتون گذريل ڪجھه ڏهاڪن کان رينجرس جي استعمال هيٺ آهن. انهن عمارتن کي واپس تعليمي مقصدن لاءِ استعمال هيٺ آندو وڃي. (فيس بوڪ تان ورتل)