اشو آف دي ڊي تاريخي ڪردار سنڌ راڻي سونيتي: جنهن جي قبر زبون حالي جو شڪار آهي

0
168
اشو آف دي ڊي تاريخي ڪردار سنڌ راڻي سونيتي: جنهن جي قبر زبون حالي جو شڪار آهي

 سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ راڻي جو ذڪر موجود آهي، جنهن جي قبر هن وقت زبون حالي جو شڪار آهي، سوشل ميڊيا تي سنڌ راڻي جي ڪردار بابت تاريخي معلومات ونڊ ڪئي وئي ۽ قبر جي مرمت ڪرائڻ جو به مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ راڻي جو ذڪر موجود آهي، سنڌ راڻي جيڪا اصل ۾ اڍيجو ذات مان هئي سندس نالو سونيتي هو. سنڌ جي حاڪم سرفراز ڪلهوڙي نوجوان هن حُسناڪ ڇوڪريءَ کي سنڌ راڻي جو لقب ڏنو هو.. پوءِ جڏهن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ اقتدار تان جنگ لڳي ان خطرناڪ ويڙهه جو ڇيڙو هالاڻي جي ميدان تي ٽالپرن جي فتح تي ٿيو، ٽالپر سنڌ جا حڪمران بڻجي ويا. هالاڻي جي جنگ جو هيرو سپھه سالار مير باگو هو. جڏهن ٽالپرن سنڌ جي علائقن تي حاڪمي جي ورهاست پئي ڪئي ته بھادر سپھه سالار مير باگي سنڌ راڻي جي گهُر ڪئي هئي. مير باگي سنڌ راڻي کي وٺي پنهنجي حصي جي علائقي ۾ اچي ٽنڊي باگي شهر جو بنياد وڌو هو.

هن جي محبوبا سنڌ راڻي نوجواني ۾ فوت ٿي وئي ته کيس اوليا شاهه ديوانو ۾ دفن ڪيو ويو، جڏهن ته مير باگي جو موت عمرڪوٽ جي سير دوران نانگ جي ڪکڻ سبب ٿيو هو. سنڌ جي تاريخ جي سنڌ راڻي جي قبر هن وقت زبون حالي جو شڪار آهي. هن اهو لکيو ته تصويرون پنهل ٽالپر جي ٿورن سان، جنهن تي شفيع محمد لکيو ته مير باگي خان جي مزار عمر ڪوٽ ۾ آھي جنھن کي ھن وقت عباسي خاندان جا فرد مرشد طور مزار جا مجاور به آھن مگر تحقيق جي ضرورت آھي، آصف علي رضا لکيو ته سنڌ راڻي جي حوالي سان غلام حسين رنگريز پنهنجي آتم ڪٿائن ۾ بهترين ڄاڻ لکي آهي . ۽ جيڪو به ملندو هوئس ان کي چوندو هو ته سنڌ راڻي جي مزار تي ضرور وڃو . منهنجي مطالعي ۾ رنگريز کان پوءِ توهان سنڌ جي هن لافاني ڪردار تي مختصر ئي صحيح پر تاريخ جي حقيقتن کي نظر ۾ رکندي بهترين ڄاڻ شيئر ڪئي آهي. مسڪين ملاح لکيو ته ٿورو افسوس اهو ته ميرن جا ٽنڊا سڀ آباد آهن پر هنن جا قومي ورثه لاوارث ٿي زبون واري حالت ۾ آهن.ڪير به مالڪي ڪرڻ وارو نه آهي. هرجي لال لکيو ته مير فتح علي خان سنه 1196هه/1782ع ۾ ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي ۽ ان بعد يڪمشت ٿي ملڪ کي ٽالپرن جي مختلف خاندانن جي وڏن اميرن سردارن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيائون.

ان فتح بعد ملڪ جي ورهاڱي جو فيصلو ٿيو، جنهن موجب مير باگي خان ”سنڌ راڻي“خاطر حڪومت ۽ ملڪيت جي حصي تان هٿ کنيو. ولي انصاري ساگر لکيو ته سنڌ جي حسين تاريخ جي انمول ڪردار جي توهان ياد ڏياري آهي، سچ ته منهنجيون اکيون آليون ٿي ويون، آئون بدين کان ٽنڊ باگي جڏهن به ايندو آھيان، باگو واهه غور سان ڏسي مونکي سنڌ راڻي جو تصور موهي وجهندو آھي، افسوس اسان ڪيڏا بي درد آھيون، اهڙن عظيم ڪردارن جي آخري آرام گاھه به ميسارجي وئي، عزالا شاهه لکيو ته ان ڪردار جي باري ۾ مون ڪافي سال پهرين پڙهيو هيو. ٻڌو آهي ته ڇوڪري سونهن جو هڪ بيمثال شاهڪار هئي. هن کي سونهندي به سڏيندا هئا. سنڌ جو تاريخي ورثو لاوارث ۽ يتيم آهي.. برباد آهي. حنيف نهڙيو لکيو ته سنڌ راڻي سان شادي ڪرڻ لاءِ ٽالپرن ۾ تصادم جو خطرو هو ڇاڪاڻ ھو سدا ملوڪ هئي ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ طلبگار گهڻا مير هئا ان ڪري ميرن هڪ شرط رکيو ته جيڪو به مير سنڌ راڻي سان شادي جي خواهش رکندو ته ان کي بادشاهي مال ملڪيت تان هٿ کڻڻدو پوندو اهو شرط مير باگي خان قبول ڪيو هو تڏهن سندس شادي سنڌ راڻي سان ٿي هئي، چون ٿا شادي ڪرڻ کان پوءِ هڪ سال تائين مير باگو خان گهر کان ٻاهر نه نڪتو هو، مون هڪ رسالي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ليک پڙھيو هو جنهن ۾ ڊاڪٽر تفصيل سان هن قصي جو ذڪر ڪيو ھو.

سجاد علي آريجو لکيو ته سنڌ جي تاريخي حسناڪي کي ڄاڻي واڻي ميساريو وڃي ٿو، ڪيلاش ڪمار شرما لکيو ته ثقافت کاتي جي لاپرواهي جي ڪري انيڪ تاريخي آثار ميسارجڻ لڳا آھن ڪجھ وقت کانپوءِ نشان ملندا.رئوف جمالي لکيو ته ثقافت کاتي جي وس وارن ۽ سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي گذارش آهي ته هن تاريخي ڪردارن جي قبرن جي مرمت ڪرائي محفوظ ڪيو وڃي.ديدار شاهه لکيو ته سنڌ راڻي جي تربت زبون حاليء جو شڪار آھي جيڪا حقيقت انتھائي ڏکوئيندڙ آھي،اسان پنھنجن انمول تاريخي ڪردارن کي وقت جي ھٿان ميسارجڻ جي لاء لاوارث ڇڏي ڏنو آھي، ممتاز گاڏهي لکيو ته لاڳاپيل کاتي کي تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي،پنهل ٽالپر لکيو ته ثقافت کاتي جي وڏي نا اهلي سبب ھي تاريخي ورثو ميسارجي ويو آهي، آفتاب مهر لکيو ته سنڌ جا عظيم ڪردار ڪتاب دادا سنڌي جو لکيل آهي جنهن ۾ آهي ته سنڌ راڻي جي پهرين شادي شھزادي سرفراز سان ٿيل هئي.حيدرآباد جيل ۾ شھزادي سرفراز جون اکيون ڪڍي اذيتون ڏيئي جڏھن کيس قتل ڪيو ويو هو ان کان پوء ڪنهن ملڪاڻي ٽالپر حڪمران پنهنجون ذاتي جاگيرون ڏيئي مير باگي ۽ سنڌ راڻي جي شادي ڪرائي هئي. عاجز ڏاهري، عاطف حسين لغاري، موهن راجستاني، سوجهرو سنڌي، اياز ٽالپر، ارشد آزاد، اعظم پنهور، ابراهيم کوسو ۽ ٻين پڻ سنڌ راڻي بابت معلومات تي راءِ ڏني ۽ ثقافت کاتي کان تاريخي ورثي جي مالڪي جي گهر ڪئي.