پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، تصوير ۾ بلاول ڀٽو زرداري هڪ بينچ تي ويٺل نظر اچي ٿو ۽ اها تصوير آمريڪا ۾ ورتل ڄاڻائي پئي وڃي، ان تصوير سوشل ميڊيا تي ايندي ئي بحث شروع ٿي ويو، بلاول جي سنڌ ۽ آمريڪا ۾ موجودگي جا مثال بيان ڪيا ويا، تصوير جي حقيقت به سامهون آندي وئي. ان سلسلي ۾ منظور آزاد سومرو بلاول جي تصوير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جو مال لٽي عيش ڪندڙ ۽ سنڌ تي رعب ڪندڙ آمريڪا جي بس اسٽاپ تي هڪ ماڻهو سان بس يا ٽيڪسي جي انتظار ۾ ويٺو آهي، هي شايد ڪو پاڪستاني آهي جيڪو هن کي ڏسي کيس کتيون پيو ٻڌائي ۽ نفرت جو اظهار پيو ڪري، بلاول وائڙو ٿي پيو کيس ڏسي، هتي گهران ٿا نڪرن ته سوين گاڏيون ڪڍ آهن. جنهن تي حفيظ خان لکيو ته انهن جو سڀ کان وڏو هٿيار سنڌ ڪارڊ آهي، بدرالدين عباسي لکيو ته ڇا آمريڪا ۾ انهن وٽ ڪجهه ناهي جو بس يا ٽيڪسي جو انتظار ڪن، هر وڏي ملڪ ۾ انهن جو محل ۽ گاڏيون آهن، باقي اهڙا فوٽو صرف غيرملڪي ماڻهن ۽ ميڊيا کي ڏيکارڻ لاءِ هوندا آهن، ذوالفقار هاليپوٽو بلاول جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪا ۾ ايئن ئي ويهڻو پوندو آهي، سنڌ ۾ ٺٺ ٺانگر، پروٽوڪول، سوين گاڏيون هونديون آهن.نويد اختر لکيو ته بلاول وٽ ڪو عهدو ناهي، عمران ته وزيراعظم هو، هڪ ننڍي عهدي واري شخص سندس استقبال ڪيو ۽ بس ۾ آندو، مير حسن راڄڙ لکيو ته پڙهيل لکيل باشعور معاشرن ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي جهالت رڳو اسان وٽ آهي، ممتاز سومرو لکيو ته آمريڪا ۾ سڀ ايئن ويهندا آهن رڳو بلاول نه، پر پروٽوڪول نه وٺڻ وارن ليڊرن جنهن اليڪشن ۾ وزيراعظم کي يونيورسٽي ۽ گورنر هائوس کي لائبريري جو اعلان ڪرڻ وارن تي به لکجي، غلام ميگهواڙ لکيو ته سڀني جو حال ساڳيو آهي وڏيون دعوائون ته تبديلي سرڪار جي سرواڻ به ڪيون سائيڪل تي آفيس ايندس چيو هو پر سندس پروٽوڪول ڏسوس، محمد رمضان شورو لکيو ته ماڻهو جي پنهنجي ذاتي به ڪا زندگي ھوندي آھي، ھنن سان ٽريجدي اھا آھي ته ھي پنهنجي ملڪ پاڪستان ائين آزاد گھمي ڦري به نه ٿا سگهن، سيڪيورٽي مسئلو الڳ، پر توهان اندازو لڳايو ته بلاول ٺٽي، بدين يا سنڌ جي ڪنھن به علائقي ۾ ائين ويھي سگهي ٿو؟ کيس ڏسي ھزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا.ڪشور توگاڻي لکيو ته پاڪستاني عوام کي صرف پروٽوڪول جي نالي تي اربين رپين جو چونو لڳائيندڙ ليڊرن جي جان پاڪستان ۾ نڪرندي ئي خطري کا خالي ٿي ويندي آهي. پروٽوڪول صرف ۽ صرف هن بيوقوف قوم کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ورتو ويندو آهي. احمد ياسين لکيو ته نه سيڪيورٽي نه پروٽوڪول نه ئي اجرڪ وارو ماسڪ، پاڪستان ۾ 30-40 گاڏين جي پروٽوڪول ۾ گهمندڙ بلاول آمريڪا ۾ عام ماڻهو وانگر گهمي رهيو آهي.صدام حسين تنولي لکيو ته انهن ملڪن جي ترقي جو راز به اهو ئي آهي، اتي وزيراعظم به ايئن ئي گهمندو آهي، نه ڪير ڏسي سلام ڪندو آهي نه وري ان لاءِ ڪو روڊ بند ٿيندو آهي. فاطمه نور ميمڻ بلاول جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪا ۾ ايئن ويهڻو پوندو آهي ، الفت حسين پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلاول کي ڪير ٻڌائڻ وارو ناهي ڇا ته سندس پيٽ وڏو ٿي ويو آهي، مظهر خاصخيلي لکيو ته اسان جي ميڊيا لکي لکي ٿڪجي پئي آهي ته آمريڪا ۾ بلاول اهم ميٽنگن لاءِ ويو آهي، محمد حسن ٻٻر لکيو ته وزيراعظم لاءِ سي وي ڏني اٿس انتظار ٿو ڪري، حليم عادل شيخ جي فيس بوڪ پيج تان بلاول جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ويو ته پنهنجي سي وي آمريڪا موڪلڻ بعد بلاول انٽرويو ڪال جو انتظار ڪري رهيو آهي نيويارڪ ته پهچي ويو واشنگٽن کان گهرائڻ جي انتظار ۾ آهي. وسي خٽڪ لکيو ته بلاول جنهن ملڪ ۾ ويٺو آهي انهي ملڪ جي صدر جي فون لاءِ وزيراعظم عمران خان سڪي رهيو آهي. شيخ اسرار بلاول جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته تصوير جو ٻيو رخ، بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ جي ايئرپورٽ تي هڪ مقامي صحافي کي انٽرويو ڏئي رهيو آهي پ پ آمريڪا جو صدر خالد اعواڻ ۽ ٻيا ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪري رهيا آهن. ماجد سمون لکيو ته مطلب هڪ بينچ تي ويهاري انٽرويو ڪيو ويو ڇا هتي ان صورتحال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندو؟ سهيل ميمڻ لکيو ته سال اڳ ڪراچي ۾ سنڌي نيو ايڊيٽرز سان ڪيئن مليو هو؟ منيش ڪمار به اهڙي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان وارن همراهن سمجهيو پئي ته بلاول ڀٽو زرداري روڊ ڀرسان ڪنهن اسٽاپ تي بس جي انتظار ۾ ويٺو آهي، اي آر امداد سومرو لکيو ته جن اهي تبصرا پئي ڪيا انهن کي ڄڻ وائيٽ هائوس جي گاڏي کڻڻ ايندي آهي.