اشو آف دي ڊي … بادام، پستا ۽ اخروٽ ڪير کائي ويو آهي؟؟؟ سنڌ حڪومت جي دعويٰ تي عوام پاران ڪامورن کان جواب طلب

0
187

 سنڌ سرڪار پاران ٻوڏ متاثرن ۾ 37 ڪروڙ جا بادام، اخروٽ ورهايا ويا، جانورن کي هڪ ارب جو کاڌو ڏنو ويو، اهڙي دعويٰ سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نه رڳو دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا پر سنڌ سرڪار جي اهڙي دعويٰ تي تنقيد ڪرڻ سان گڏ سوال به اٿاريا ويا، ان حوالي سان جاويد چانڊيو کليل خط شيئر ڪيو، هن لکيو ته کليل خط . جناب وزير اعليٰ سنڌ، عنوان  : شڪريا ادائي، جناب اعليٰ. جھڙي طرح اوھان سموري سنڌ جي ٻوڏ متاثرن ۾ نيوٽريشن، ڪيلشم ۽ صحت جي ڪرندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي انھن ۾ ڊراءِ فروٽ ورھايو اھو اسان تائين به اوھان جي با اعتماد ماڻھون اسان جي تڪ ميروخان جي ايم پي اي جناب خان بھادر گھنور خان اسراڻ  ذريعي با امانت جيئن جو تيئن پھتو. ماشاءَ الله، منهنجي ڳوٺ رپ وتو خان چانڊيو جا ٻوڏ متاثرين ڪمزور ماروئڙا اوھان طرفان مليل ( نيزا، پستا، بادام، کاڄا ۽ اکروٽ ) کائي ھٽا ڪٽا پھلوان ٿي پيا آھن . ڄڻ اوھان انهن کي ڪو ونواھه کارايو ھجي . ھاڻي ھي واندا نه ڪم ڪن نه ڪار بس ھڪ ئي وائي وات اٿن ته مالڪ ھر سال ٻوڏ اچي ۽ سنڌ حڪومت اسان جي ايئن مالڪي ڪري…. جناب اعلي : ٻي گذارش عرض تـه اسان جي نوجوانن جي ڊراءِ فروٽ ( خشڪ ميوا ) کائڻ کان پوءِ صحت، طاقت ۽ تندرستي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ھنن سنڌ جي معمار ھونھار، نوجوانن جي لاءِ سموري سنڌ ۾ ملھه جا مقابلا سرڪاري سطح تي منعقد ڪيا وڃن جيئن ھي تفريح جا مقام به آباد ھجن ۽ پنهنجي زور آزمائي ڪري سنڌ جو نالو به روشن ڪن. والسلام . فقط توھان طرفان اسان جي عزت معاب ايم پي اي ذريعي ڪيل مھربانين ۽ چڱائين تي احسانمند ۽ دعاڳا ڳوٺ رپ وتو خان چانڊيو جا اوھان طرفان موڪليل ( ڊراءِ فروٽ ) کائي ھٽا ڪٽا ٿيل سسئي پھلوان . (جاويد چانڊيو شھدادڪوٽ) اهڙي پوسٽ تي ايم صفر گوپانگ لکيو ته مطلب ته سڀ پهلوان خشڪ ميوو کائي طاقتور ٿيا آهن، عبدالقدير چانڊيو ته ردعمل ڏنو، ساگر چانڊيو لکيو ته چريا ٿيا آھيو ڇا…؟؟؟ بقول شرجيل ميمڻ جي ٻوڏ وارن کي 33 ڪروڙن جو ڊراءِ فروٽ ڏنو آهي، اسان ايترو ته ڊراءِ فروٽ کاڌو جو اسانکي ھاڻي رات جو ننڊ نه ٿي اچي، غلام سرور لکيو ته توهان کي نه مليو آهي ڇا جو ڪمزور ٿا لڳو، اداسي ارشاد شابراڻي به مزاحيه ردعمل ڏنو. آصف ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي ظلم ڏسو،  سنڌ   جي ٻوڏ متاثرن لاءِ  مليل ٻاھرين ملڪن مان آيل پيسا سنڌ حڪومت  کائڻ جو نئون ڊرامو شروع ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي بادام اخروٽ نيزا پستا 37ڪروڙ جا کارايا آھن، 40 ڪروڙ جا ڇيلا کارايا آھن  ڪچا چانور جـن ۾ ٻٽالن کان سواءِ ڪجھه به  ن ھو  تقريباً  رکيل چانورن ۾ ڌپ  جون شڪايتون ملن پيون،  جن کي کائڻ  سان ڪيترائي ٻوڏ متاثر بيمار ٿي پيا، سنڌ حڪومت جي بد ديانت تي ٻڌل ھي رپوٽ آهي. مشتاق ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان سان گڏ بادام، پستا ۽ مال جو چارو موڪلي ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي سرڪار 37 ڪروڙ 66 لکن جا بادام پشتا ۽ 1 ارب روپين جو چاري سميت ٻي مد ۾ ڪروڙين روپيا ڏيکاريا آھن ڊي سي عمرڪوٽ ۽ سمورا اي سيز جواب ڏين ته اھي بادام پشتا ڪير کائي ويو آھي؟؟؟ مال جو چارو ڪٿي آھي پئسا ته رليز ٿي ويا آھن. پريتم ڪمار، مير حسن سميجو، ايم يوسف، روو مل راٺوڙ، محمد علي جت به ردعمل ڏنو، شبير احمد راهمون لکيو ته بادام پستا شايد چوڌرين کاڌا آهن، چتين انمول لکيو ته ھي ماکي جي وقت ڪم آيا ھوندا، باغي نوھڙيو لکيو ته ماڻهوَ اٽي لپ لاءِ پريشان  آهن ھي  حڪومت بادام کارائڻ ۾ پوري آهي، سائينداد گجو، علي غلام، ايم علي آريسر، سرور مهر، سيد معشوق علي، به ردعمل ڏنو، ارباب ڀيل، مير حسن سمون لکيو ته سڪل دال به ڪونه ٿا ڏين گورنمينٽ وري ھنن کي بادام ڏئي ڇڏيا آھن، فقير محب مڱريو لکيو ته مهرباني سنڌ حڪومت جي ان جي صدقي بادام جا فوٽو اسان ڏٺا سين، ساگر ڪمار پرهياڙ لکيو ته ڪوڙا بل ٿا ڪڍن، محب لکيو ته پاڻ وارا يار ڌڪ ڪري ويا بادامن جو، سيد شاهه محمد لڪياري لکيو ته غريبن کي لولو نٿو ملي ۽ هي ٿا بادام کارائين، اهي بادام ۽ پستا انهن پاڻ لاءِ ئي امداد ۾ رکيا آھن، ڪڏهن ٻڌو ته ڊراءِ فروٽ امداد ۾ ڏنو ويو؟ غريبن جي نالي تي وڏا ماڻهو اهي کائيندا، ٻيو ته پري اين جي اوز جي مال ۾ به ڪرپشن پيا ڪن. علي حسن نهڙي لکيو ته جنهن به کاڌا ان کي مبارڪ هجي، سجاد آرائين ۽ امر چند ڪولهي، لکيو ته الله تعاليٰ انصاف ڪندو، سائينداد راڄپر، نعيم مڱريو، الله بخش خاصخيلي، سورڻ سنگهه سوڍو، آصف علي نهڙي به ردعمل ڏنو، سيد راضي شاهه لڪياري لکيو ته هڪ اليڪشن ۾ ڪنهن سياسي ماڻھون ڪنهن جڳھه ووٽ لاءِ ويو هڪ ايم اين اي ۽ ٻه ايم پي اي گڏ هئا ۽ اتي پيل ڊراءِ فروٽ واپسي مهل ايم پي اي ۽ ايم اين اي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا باقي ڪي ڏھه ٻارانهن داڻا بچيا اهي وري همراهه چيو سائين جا ڇڏيل آهن ۽ هي حڪومت ماڻھن کي ڇا بادام ڏيندي، شبير احمد راهمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان سان گڏ بادام پستا ۽ مال جو چارو موڪلي ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي آھي ڊي سي عمرڪوٽ ۽ اي سيز جواب ڏين ته اھي بادام پستا ڪير کائي ويو آھي؟؟؟ مال جو چارو ڪٿي آھي؟ پئسا ته رليز ٿي ويا آھن. اظهر گاڏهي پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪي اين شاھ ۾ سنڌ حڪومت طرفان موڪليل بادام ۽ اکروٽ سڀ ڪير کائي ويو، قسم سان باقي اسانکي داڻو به نه ڦٻيو. عرفان لنجواڻي، حاڪم مڱريو، ذوالفقار علي شر، شاهنواز چانڊيو، عابد لاشاري، ايم امين راڄپر، مدثر لاشاري ۽ ٻين به اهڙيون پوسٽون شيئر ڪيون.