اشو آف دي ڊي … بابر اعظم هاڻ وزيراعظم نه ٿيندو، سنڌ جون زمينون بچي ويون انگلينڊ هٿان پاڪستان کي شڪست، سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
318

 انگلينڊ هٿان پاڪستاني ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست بعد سوشل ميڊيا تي هڪ نئون طوفان برپا ٿي ويو، جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم مٿان تنقيد سان گڏ دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا، چيو ويو ته هاڻي اسان کي بابر اعظم کي وزيراعظم نه بڻائڻو پوندو، جڏهن ته انگلينڊ جي پليئرز جي ساراهه ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ حفيظ آزاد زئور پوسٽ شيئر ڪئي ته جشن جو انتظام ڪيو، دُھلاري گُھرايو، ايڪو سائُونڊ رکو ۽ ڊي جي وارو به گُھرايو..ويلڊن برطانيه (انگلينڊ)، شاھين آفريدي جو بُوٽ ڦاٽي وڃڻ سبب فيلڊنگ مان آئُوٽ..ورلڊ ڪپ ۾ نڀاڳا بُوٽ ته چڱا پائي اچن ھا، انگلينڊ جا باھمت رانديگرو، اسين اوھان جا احسانمند آھيون جو اوھان فائنل کٽيو، جيڪر پاڪستان کٽي ھا تہ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون رياست انھن رانديگرن کي غير قانوني طور تحفي ۾ ڏئي ھا. عمران زئور لکيو ته انگلينڊ لاءِ تاڙيون، راشد خشڪ پوسٽ شيئر ڪئي ته ڳولي ڏيو اھي برگر ڇوڪرا جن چيو پئي ته اسان جي ٽيم بزرگن جي دعائن سان فائنل ۾ پھتي آھي ۽ فائنل ون ڪندي ھاڻ وڃي استقبال ڪجو سنگتين جو. جنهن تي مجاد درس لکيو ته ميچ ۾ ٿوري ٽوٽل تي به مقابلو ٿيو، رزاق عاصي پوسٽ شيئر ڪئي ته همين تم سي پيار هي، هاڻوڪا جملا، سرمد ادل سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بين اسٽوڪس، ڪارلوس برائٿويٽ واري صدمي مان ٻاهر نڪرندي ئي انگلينڊ کي  پهريان، ايشز پوءِ ون ڊي ۽ هاڻ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جو عالمي چيمپيئن بڻائي ڇڏيو. اسٽوڪس هيرو آهي هيرو، 2016 کان پوءِ هن 19 واري ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ کي سوڀارو ڪرايو هو، عاطف پٺاڻ لکيو ته اسٽوڪس 2016 کان 2022ع تائين ڇا ته پليئر آهي، معروف علي لکيو ته تم جيتو يا هارو همين تم سي پيار هي، وفا حمير ٻگهيو لکيو ته اسان جي به جان ڇٽي روز جي بحث کان، فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪپتان بزدل نڪتو، ڊڄي ڪري نواز کي بالنگ نه ڏني، حيدر کوکر لکيو ته اشتهاري کان بالنگ ڪيئن ڪرائي ها، عروسه لاشاري لکيو ته پاڪستاني ٽيم، همين تم سي پيار هي، مليحه هاشمي لکيو ته ٽينشن نه وٺو ٽرافي انگلينڊ هلي به وئي ته بائو جي چوري ڪري پاڪستان آڻيندو، فيروزه لاشاري لکيو ته هاڻي اسان کي بابر اعظم کي وزيراعظم نه بڻائڻو پوندو، 1992ع جون تقريبن سڀ نشانيون ختم ٿي ويون، حريف چانڊيو لکيو ته پاڪستان جي ٽيم ڪوشش سٺي ڪئي . لڳي ٿو ته اڄ ڏاهاڻي جي ٽيم کي ضرورت هئي ! انگلينڊ جي ٽيم کي مبارڪون هجن جنهن ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽي ورتو . جنهن تي باغي راجا ٻرڙو لکيو ته ڏاهاڻي کان ڪم گهڻو هو، ساحل سڪندر لکيو ته بلڪل ڏاهاڻي کي شروع کان وٺي نظرانداز ڪيو ويو، جنيد انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ان وقت نواز شريف وزيراعظم هو هاڻ شهباز شريف آهي، هڪ نشاني غلط ٿيڻ جي ڪري ورلڊ ڪپ هٿن مان نڪري ويو، محمد اسلم لکيو ته خدا ڪري هي ورلڊ ڪپ انگريزن سان اهو ڪري جيڪو 92 جي ورلڊ ڪپ اسان سان ڪيو، اصغر مڱريو لکيو ته اگر مگر اب چلين گهر، انگلينڊ کي مبارڪون، رفيق ملاح مانجهند به انگلينڊ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون، حسين پنهور پوسٽ شيئر ڪئي ته انگلينڊ کي ڪپ جون مبارڪون ،واقعي ويڙھا مڃبو ، اسان سوچو ڊاڙي ھو،صدورو مهر لکيو ته ٽينشن نه وٺو، ٽرافي انگلينڊ هلي وئي آهي ته ڪو مسئلو ناهي، اسان جو هڪ ماڻهو اوڏانهن چوري ڪري کڻي ايندو، شاباش ميان جي، سراج احمد پتافي پوسٽ شيئر ڪئي ته 1992 وارو ورلڊڪپ عمران خان کٽي وزيراعظم ٿيو هو، مون سوچيو بابراعظم وزيراعظم ٿيندو پر افسوس اهو خواب پورو ڪونه ٿيو ويچاري جو، علي زاهد پوسٽ شيئر ڪئي ته پلاند پراڻا ناهن ٿيندا، جميل احمد ٻرڙو لکيو ته بابر اعظم دنيا جو نمبر ون رانديگر ته ٿي سگهي ٿو پر عمران خان نٿو ٿي سگهي، معراج مصطفيٰ ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته خوشقسمت آهن اهي ماڻهو جن کي ڪرڪيٽ سان پيار ناهي، اعجاز مري پوسٽ شيئر ڪئي ته جيڪڏهن اڍائي سئو رنسون ٺاهين ها ته کٽي وڃن ها جيڪڏهن جلدي آئوٽ ڪن ها تڏهن به کٽي وڃن ها، تاج رند پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ جي 500 ايڪڙ زمين ڪرڪيٽرز کي تحفي ۾ ڏيڻ کان بچي وئي، شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪئي ته اڄ ڀلا اوهان لاءِ ڪو معجزو ئي ٿئي ها، معجزن جهڙا به نه رهيا آهيو ڇا ؟ سعيد احمد پوسٽ شيئر ڪئي ته اسان کي ٽڪي جي به پرواهه ناهي، نديم جان مهر لکيو ته جسم ۾ ساهه هجي ته بال بائونڊري به ڪراس ڪري نه، هي ويچارا ختم ٿي ويا آهن، تشڪيل سنديلو لکيو ته پاڻ هلون ٿا دعا ۾ ياد رکجو، زيب سنڌي لکيو ته ڏاهاڻي کي نه کيڏائڻ جو نتيجو، پاڪستان کي انگلينڊ هٿان بري شڪست ملي، انگلينڊ ڪپ کٽي ورتو، سرتاج سومرو لکيو ته انگلينڊ کي ورلڊ ڪپ کٽڻ جون واڌايون، صاحب ڏنو ٿيٻو لکيو ته مون ڪونه سوچيو هو ته اکين سامهون بريڪنگ نيوز جي هي پٽي به هلندي،  خير جيڪو ٿيو سو چڱو ٿيو آئينده ورلڊ ڪپ جي تياري ڪريو ٿي سگهي کٽون يار، شفيق قريشي لکيو ته انگلينڊ پاڪستان کي ورلڊ ڪپ ۾ هارائي ڇڏيو، اڪبر جت لکيو ته انشاءَالله پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم 2050 تائين ورلڊ ڪپ کٽڻ جي قابل ٿي ويندي في الحال هن گاني تي گذارو ڪريو، عيسيٰ جماري لکيو ته ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ عمران خان جھڙا ڪپتان کپن جنهن 92 وارو تاج پاڪستان حوالي ڪيو جيڪو وري ڪڏهن به ناهي ملي سگھيو! منھنجو وس ھلي اڄوڪي ٽيم کان ڪچي ۾ ٽماٽن ۽ مرچن جون چونڊايون ڪرايان، قمر رضا سومرو لکيو ته 92 ورلڊ ڪپ جو سڀ ڪجهه ساڳيو هو پر عمران خان ڪپتان نه هو ان جي ڪري پاڪستان نه کٽيو، وقار ميراڻي لکيو ته پاڪستان ورلڊ ڪپ هارائي ويو، مير هادي لکيو ته ٽيمون هٿ سان انگلينڊ کي ورلڊ ڪپ ڏين ٿا اهي ورلڊ ڪپ انگلينڊ پيو کٽي،2010 وارو آسٽريليا ڏنو،2019 وارو نيوزيلينڊ ڏنو،اڄ 2022 وارو پاڪستان ڏنو،راند کي ڏسو ٿا پر غور نٿا ڪيو،اڄ وارو ميچ تواهان ڏٺو پويان وارو به وڃي ميچ ڏسو. ايڊووڪيٽ محمد علي درس لکيو ته ورلڊ ڪپ کٽي ويا ته ڇا ٿيو ڪرپشن جو ورلڊ رڪارڊ اڄ به پي ڊي ايم وٽ آهي،  عبدالباسط مهر لکيو ته انگلينڊ T20 ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪري ورتو، اگر اڄ پاڪستان فائنل مئچ کٽي هان ته مان 200 روپيا هڪ کيسي مان ڪڍي ٻئي کيسي م وجهي ڇڏيان ها. آمنه سنڌي لکيو ته اڄ انگلينڊ وارن پاڪستان کي سبق سيکاري ڇڏيو ورلڊ ڪپ ڪيئن کٽبو آهي، اسلم ملاح لکيو ته ڪهڙو اصل اربين رپيا مليا ورلڊ ڪپ کٽڻ جا.. اهي 36 ڪروڙ ته اسان جي هڪ صوبي سنڌ جي سرڪار ڊراءِ فروٽ وٺي ورهائيندي آهي، وفا ميمڻ لکيو ته ورلڊ ڪپ فائنل ۾ اڄ انگلينڊ ھٿان بدترين شڪست کائيندڙ پاڪستاني ٽيم جيڪا خراب ترين پرفارمنس ڏيکاريندي ناڪام ڪرڪيٽ کيڏي تنھن اڄ ڪروڙين ڪرڪيٽ شوقينن جون دليون ئي ٽوڙي ڇڏيون.