اشو آف دي ڊي انڊيا وانگر پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ کان اڳ به ڪرڪيٽ جا شوقين پرجوش: دلچسپ تبصرا

0
154
اشو آف دي ڊي انڊيا وانگر پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ کان اڳ به ڪرڪيٽ جا شوقين پرجوش: دلچسپ تبصرا

 ٽي 20 ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کانپوءِ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ جي موقعي تي به دلچسپ تبصرن جو سلسلو جاري رهيو، سوشل ميڊيا تي مزاحيه ميمز شيئر ڪيا ويا، اڪثر صارفين پاران نيوزيلينڊ جي بيوفائي تي دلچسپ ميمز ٺاهيا ويا، ٽوئيٽر کانسواءِ فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام تي به اهو سلسلو جاري رهيو، ڪجهه وقت اڳ نيوزيلينڊ جي ٽيم سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي پاڪستان جو دورو اوچتو ملتوي ڪري واپس هلي وئي هئي، نيوزيلينڊ جي ٽيم جي ان حرڪت پاڪستان سميت دنيا ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي مايوس ڪيو هو، ڪالهه ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلي کان اڳ ئي سوشل ميڊيا تي پاڪستان بمقابله نيوزيلينڊ هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو جنهن ۾ صارفين پاران ميمز شيئر ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي ڪرڪيٽ جا شوقين ايترا پرجوش نظر آيا جيترا پاڪ ڀارت ميچ دوران هئا ۽ اميد ظاهر ڪري رهيا هئا ته پاڪستان اڄ به بلڪل ايئن ئي نيوزيلينڊ کي ڌوئي ڇڏيندو جيئن ڀارت کي هارايو، موقعي کانپوءِ بدلي جو وقت آهي، شهريار ڀٽي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ ٽيمن جي تصويرن تي لکيو ته هاڻي ته اڃا اسان بدليا آهيون بدلو اڃا باقي آهي، هڪ ٻئي صارف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا جي ملاقات واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته پاڪ ڀارت ميچ بعد هاڻي پاڪ نيوزيلينڊ ميچ بعد هنن جا روئندڙ چهرا ڏسجو، هڪ صارف لکيو ته موقع موقع کانپوءِ هاڻ وقت آهي بدلي بدلي جو، ڪنهن وري پاڪستان جي فتح جي اڳڪٿي ڪئي ۽ لکيو ته نيوزيلينڊ ٽيم شارجه ۾ خطرو محسوس ڪري رهي آهي ۽ ميچ ملتوي ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، رئوف عباس نيوزيلينڊ ۽ ڀارت جي ڪپتان جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪيوي ڪپتان ڀارتي ڪپتان کي چوي ٿو ته هاڻي خبر پئي اسان ڇو ڀڄي رهيا هئاسين، فروا منير نيوزيلينڊ ٽيم جي شڪست بعد ٺاهيل چهرن جي تصوير شيئر ڪئي، زينب شفيق نيوزيلينڊ جي ٽيم کي دعا گهرندي ڏيکاريو، صبا بيگ نيوزيلينڊ جي رانديگر کي ستل ڏيکاريو جيڪو چئي رهيو هو ته دورو ملتوي نه ڪيو هجي ها ته هن وقت سڪون جي ننڊ ڪري رهيا هجون ها، ثمينه اخلاق لکيو ته سيڪيورٽي جو مسئلو حل ٿي ويندو، نيوزيلينڊ ٽيم کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ خطرو ڪنهن کان آهي بابر اعظم يا شاهين آفريدي کان؟ هڪ ٻئي صارف بالي ووڊ فلم جي اداڪار ۽ اداڪارا جي تصوير شيئر ڪئي جنهن جن مٿان ٻنهي ٽيمن جا جهنڊا لڳائي ڇڏيا، اداڪار اداڪارا کان پڇي ٿو ته ڏڪي ڇو رهين آهي؟ هڪ صارف نيوزيلينڊ ٽيم لاءِ لکيو ته اسان اوهان جو سيڪيورٽي جو مسئلو ختم ڪري ڇڏينداسين، ايشا لکيو ته ٿريٽ آهي پر سيڪيورٽي جو نه، نادر علي ڪيوي ڪپتان جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته توهان هاڻ ڀڄي نٿا سگهو، جهانزيب بالي ووڊ فلم جو سين شيئر ڪيو جنهن ۾ نيوزيلينڊ ٽيم پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ بعد چئي رهي آهي ته وڏا خطرناڪ ماڻهو آهن. سوشل ميڊيا تي ڪنهن نيوزيلينڊ ٽيم کي سيڪيورٽي جو طعنو ڏنو ته ڪنهن وري اهو چيو ته توهان جي سيڪيورٽي جو مسئلو حل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، حامد مير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مون کي ڪنهن پاڪستاني اخبار جي خبر موڪلي آهي ته ڀارت کي هاڻ وساري ڇڏيو ايندڙ نيوزيلينڊ جي آهي ياد آهي نه ته پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان نيوزيلينڊ ميچ پاڪستان ڀارت ميچ کان وڌيڪ اهم آهي.