اشو آف دي ڊي … اعلان ڪافي ناهي، سنڌ سرڪار اهو به ٻڌائي ته 65 رپيا ڪلو اٽو ملندو ڪٿان؟؟

0
179

سنڌ سرڪار پاران اٽو في ڪلو 65 رپيا اگهه  مقرر ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي ته ان اگهه تي عمل ڪرايو وڃي، جيڪو دڪاندار يا مل وارو ان تي عمل نه ڪري ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اهو به چيو ويو ته اھو اعلان ڪافي ناھي. سنڌ سرڪار اھو به ٻڌائي ته اھو 65 رپيا ڪلو وارو اٽو ملندو ڪٿان؟؟، ان حوالي سان شاهد حسين خاصخيلي پوست شيئر ڪندي لکيو ته اٽي جو اگھه 65 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي. حڪومت جو ڪم ھو رڳو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ، ھاڻ واپاري اوھان کي ڏين يا نه، سرڪار يا ان جي ادارن جي ڪا ذميواري ناھي. سعيد ڪنڀر لکيو ته فيڪ ليٽر آھي ڪنھن به بالا آفيسر جي نه صحيح آهي نه ئي وري ڪو ٺپو، غريبن سان اھو مذاق ڪيو پيو وڃي، جنهن تي شاهد خاصخيلي لکيو ته وڏي وزير جي صلاحڪار ويرجي ڪولھي اھو نوٽيفڪيشن رکيو آھي، محمد حسن لکيو ته عمل نه ٿيندو، جميل کوسو به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو لکيو ته ڪابه صحيح ٿيل ناھي قاسم آباد جي فلور ملز تي 1200سئو رپيا ڏھه ڪلو اٽو ۽ دڪانن تي 14سئو رپيا ڏھه ڪلو اٽو ملي پيو ..ڪو نوٽيفڪيشن ناھي، محمد اسحاق لکيو ته انهن کي چئو نوٽيفڪيشن تي ڪنسلٽنٽ آفيسر جي صحيح ته ڪرائين، عمران خان ڪنڀر لکيو ته نوٽيفڪيشن اڳ ئي گهڻا نڪتا پر عمل مڙئي ڪجھه ٿيو هوندو پر هاڻي هن سيلاب جي ڏکئي گهڙي ۾ حڪومت کي گهرجي ته مال ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن کڻي ۽ هن نوٽيفڪيشن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي انهي عمل سان غريبن کي سٺو رليف ملي پوندو، جمال الدين راهمون لکيو ته پوءِ اها ذميواري ڪنهن ٻئي کي ڏيون ٿا، راشد اقبال لکيو ته هر دڪان تي وڃجي جاچ ڪجي،. اعجاز خاصخيلي لکيو ته ڪٿي به ڪونه ملندو، جي حڪم ڪندا ڊي سي اي سي مختيارڪار کي انھن کي ٽائيم ئي ڪونھي جو ڇاپا ھڻن روز، اي ڪي عادل لکيو ته اڳ ڪهڙو اعلانن تي عمل ٿيو آهي، عزيزالله خاصخيلي لکيو ته دڪاندار به گهٽ ناهن، مدودو احمد، سردار مظهر گورچاڻي به راءِ جواظهارڪيو، علي رضا لغاري لکيو ته 110 رپيا اگهه ٿو هلي، وزير لغاري، علي اڪبر پنهور، مشتاق ڪنڀر به راءِ جو اظهار ڪيو. عنايت الله لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اچو هي مهم هلايون، سنڌ ۾ 65 رپئي ڪلو کان وڌيڪ جيڪو به فلور مل وارو اٽو کپائي ان کي سوشل ميڊيا تي وائکو ڪجي، غلام مصطفيٰ بروهي لکيو ته دڪاندار به فلور مل وارن کان وڌيڪ ريٽ تي نه کڻن نه ته انهن سان به ساڳيو حشر ڪيو وڃي، علي محمد بروهي لکيو ته فلور ملز وارو ڪڻڪ 4000 هزار رپيا مڻ وٺي، اهو ڪيئن 65 ڪلو يعني 2600رپيا مڻ ڏيندو، ارباب علي لکيو ته سائين ملز جي ڪوٽا هوندي آهي جيڪا سنڌ گورنمينٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿي، ذوالفقار شابراڻي، نصرالله ميرجت، اوشاق چانڊيو، رياض حسين،  فرهاد رشيد، طفيل مڱڻيجو، خالد ڪلهوڙو، سنڌي سجاد، علي مرتضيٰ ٻرڙو، محمد بخش بروهي، جميل احمد چولياڻي، سجاد علي ڪنڀر، مير محمد، نادر حسين ۽ ٻين پڻ اٽي جي اگهه بابت مهم هلائڻ جي حمايت ڪئي. ذوالفقار علي سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اٽو 65 رپيا ڪلو جيڪو دڪاندار نه ڏئي ان جو بائڪاٽ ڪريو ان کان ڪوبه سودو نه وٺو ، ان کي مجبور ڪريو ته سرڪاري ريٽ تي ڏي ، ھو ڀلي فلور ملز کي جواب ڏئي ته 65 کان مٿي مان نٿو ھلائي سگھان، آدم جانيارو لکيو ته بائڪاٽ ڇو، سرڪار جو ڪم آهي ان تي عمل ڪرائي، ربنواز لکيو ته عوام وري به دڪاندار جو بائڪاٽ ڪري اها عجيب ڳالهه آهي سرڪار اعلان تي عمل ڪرائي، حاجن ڳاهو لکيو ته حڪومت مل وارن ۽ چڪين وارن کي ڪڻڪ ئي ان ريٽ تي نٿي ڏئي اهي ڪيئن اٽو ان اگهه تي ڏيندا. عزيز احمد ابڙو لکيو ته يوٽيلٽي اسٽور تي ڪالهه جيڪو 40 رپيا اٽو پيو کپي اڄ 65 رپيا کپائن پيا، جاويد احمد لکيو ته سرڪار ڪڻڪ ڏئي چار هزار ۾ دڪاندار ايڏا ڀلا ڪٿان ٿيندا جو 65 رپين ۾ اٽو ڏين، ذوالفقار علي چانڊيو لکيو ته سٺي صلاح آهي، محمد کوسو لکيو ته هتي ان اعلان تي عمل ڪرڻ مشڪل آهي، بشير احمد لکيو ته باقي حڪومت ڇا لاءِ آهي، شاهد حسين ٽالپر لکيو ته 100 رپين ۾ اٽو وٺي 65 رپين ۾ ڪيئن ڏيندا، نظام الدين لکيو ته ان تي عمل ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آهي، ڪي بي باجڪاڻي لکيو ته اٽو 65 رپيا ڪلو وٺو، وڌيڪ اگھه نه ڏيو، اگر ڪو دڪاندار، چڪي مالڪ يا مل مالڪ اٽو مھانگو وڪرو ڪري ته پوءِ توھان انھن جي خلاف تر جي ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ/جيوڊيشل ميجسٽريٽ وٽ سنڌي ۾ درخواست لکي انھي نوٽيفڪيشن کي ساڻ ڪري اھو لکي جمع ڪرايو، ان درخواست لاءِ وڪيل ڪرڻ جي به ضرورت آهي، درخواست جج وٽ پيش ڪريو، رفيع خاصخيلي لکيو ته چڪي مالڪن کي جيڪا ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ 3500کان مٿي ملي ان جو اٽو 65 رپيا ڪلو ڪيئن ڏيندو؟ اسد پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت کي اٽي جو اگھه 65 رپيا ڪلو مقرر ڪرڻ تي جس ڏيون ٿا. ھاڻي پنھنجي مقرر ڪيل اگھه تي عمل ڪرائي، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اھو اعلان ڪافي ناھي. سنڌ سرڪار اھو به ٻڌائي ته اھو 65 رپيا ڪلو وارو اٽو ملندو ڪٿان؟؟