اشو آف دي ڊي اسلام ڪوٽ جي سورٺ ميگهواڙ جي خودڪشي: سوشل ميڊيا واقعي جون حقيقتون ئي تبديل ڪري ڇڏيون ؟

0
460

اسلام ڪوٽ جي سورٺ ميگهواڙ جي خودڪشي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو ۽ تعليم جي حوالي سان حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا ويا، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته سورٺ ميگهواڙ هوشيار شاگردياڻي هئي، سندس والد وٽ ڪتابن ڪاپيون خريدڻ جا پئسا نه هئا جنهن ڪري هن جذبات ۾ اچي خودڪشي ڪئي، پر ان واقعي جي حقيقت ڪجهه ان طرح ٻڌائي پئي وڃي ته سورٺ جي وارثن جو چوڻ آهي ته هوءَ مرگهي جي بيماري سبب پريشان رهندي هئي جنهن ڪري خودڪشي ڪئي، علائقي ۾ اهي به چئوٻول آهن ته پسند جي شادي جو معاملو هو، سورٺ جي تعليم يا ڪتابن جو ڪو معاملو نه هو. ان سلسلي ۾ خالده منير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تعليم دشمن وقت جي حڪومت جي منهن تي چماٽ، سستي عام تعليم جيڪا رياست جي هر فرد جو حق آهي حڪومت جي اهم ذميواري آهي ته هوءَ عوام کي سندس بنيادي حق سهولتون مهيا ڪري نه ڪي عوام ٽيڪس ادا ڪرڻ جي باوجود به پنهنجي جائز حقن لاءِ خودڪشيون ڪن، اسلام ڪوٽ جي دڙيلي پاڙي ۾ 17 ورهين جي ناري سورٺ ڌي ارجڻ ميگهواڙ خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن بابت معلوم ٿيو آھي ته اها هڪ هوشيار شاگردياڻي هئي جنهنجو مقصد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ هو پر سندس پوڙھي پي وٽ ڪتاب ڪاپيون خريد ڪرڻ جا پيسا نه هئا روزانو پنهنجي والد کي ڪاپيون خريد ڪرڻ لاءِ تنگ ڪندي هئي پر مسڪين ارجڻ وٽ پيسا نه هئڻ ڪري هن کي بوڪ وٺي نه ڏيئي سگھيو جنهن ڪري هن معصوم شاگردياڻي جذبات ۾ اچي انتهائي قدم کڻي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. جنهن تي نديم جان مهر، اختر آزاد ڏاهري، ساگر مڪيش، شميم مري، زبيده ڪنول، ونود ڏوٿي، منظور پرويز، افضل شر، منتظر گولو، انيل اوڍاڻو، وفا حاڪم وساڻ، فياض بلوچ، منصور جروار، انيل بابو مهراج، عاشق علي، جنيد علي مهر، ڪلثوم سنڌو، غازي رند، ميان گل منير، ساحل ساجد افسوس جو اظهار ڪيو، ايم صفر گوپانگ لکيو ته هر روز نئون گهاءُ ملي ٿو، اکيون ڀرجي آيون، راجا تلسي کتري لکيو ته رياست جي ذميواري آهي ته عوام کي بنيادي سھولتون فراھم ڪري جنهن ۾ صاف پيئڻ جو پاڻي، صحت، روڊ رستا،تعليم شامل آهي. پر افسوس! جو اسان کي ٻين سمورن بنيادي سھولتن سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻي لاءِ به قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي جڏهن ته اسان کان ھر پراڊڪٽ تي اڻ سڌي طرح ريت ٽيڪس اوڳاڙيو وڃي ٿو. موٽ ۾ ڀڳل ٽٽل رستا ٽٽل ڦٽل ۽ سھولتن کان وانجھيل اسڪول، بدبودار پاڻي، اسٽاف ۽ دوائن کان خالي اسپتالون ملن ٿيون. عمران صفي ميمڻ لکيو ته اسان ايڏا بي حس ٿي چڪا آهيون جو هاڻي ته اهڙيون دردناڪ خبرون به بي اثر ٿي چڪيون آهن، هيمن داس چنداڻي لکيو ته افسوس، جيڪڏهن والد ئي ڪنهن سان ڳالهه ڪري ها ته مسئلو حل ڪري وٺجي ها، عزيز احمد لکيو ته حڪومت کي ته ڇڏيو پر ڇا اسان ڪڏهن ڪنهن غريب کي ڏهه رپيا ڏنا آهن ته ان جي پين يا ڪاپي وٺجان، يا اسان ڪڏهن ڪنهن غريب جي امتحاني في ڀري آهي؟ صنم علي لکيو ته ضروري ناهي ته مرڻ جو سبب ڪتاب ئي هجن، رياض امر ٻجورو لکيو ته هي واقعا حڪمرانن جي نا اهلي جو وڏو نتيجو ۽ ثبوت آهي، نثار چاچڙ لکيو ته دنيا جي دولت تي ٻه يا ٽئي سيڪڙو ماڻهن جو قبضو آهي باقي 97 سيڪڙو انسان اذيتون ڪاٽن پيا هي اڄ جي سلجهيل معاشري جو آئينو هانءُ ڏاريندڙ واقعا روز ٿي رهيا آهن. سهيل رحيم لغاري، عابد حسين، گل ميتلو، گلشن لغاري، خادم گهراڻو، جهامن داس راٺوڙ، نثار لغاري، جنيد جبار دائودپوٽو، امام بخش ۽ ٻين پڻ اهڙيون پوسٽون شيئر ڪيون ته شاگردياڻي سورٺ ڪتابن جا پئسا نه هجڻ تي خودڪشي ڪئي.