اشو آف دي ڊي … اسسٽنٽ ڪمشنر نارٿ ناظم آباد ڪراچي جا سوشل ميڊيا تي چرچا: تنقيد ۽ تعريفون

0
370

 نارٿ ناظم آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر جا سوشل ميڊيا تي چرچا هلي رهيا آهن، ڪجهه ماڻهو هن مٿان تنقيد ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ماڻهو وري هن جي ساراهه ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان امر فياض پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا هڪ ٽرانسجينڊر ڪنهن عهدي تي فائز نه ٿو ٿي سگهي. ڇا اسان کان مختلف جنس هجڻ ڪري کيس سماج اندر پنهنجو ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ جو ڪو حق ڪونهي. هي حازم ڀنگوار آهي، جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر آهي. افسوس آهي ته مٿس  ٽرانسجينڊر هجڻ يا سڏرائڻ جي ڪري دقيانوس ۽ رجعتي انداز سان ڀريل قسم جي تنقيد ڪئي پئي وڃي. ائين ناهي ته ڪا تنقيد نه ٿي ڪري سگهجي، جيڪڏهن هو جنهن عهدي تي مقرر آهي اتي جيڪڏهن ڪرپشن وغيره ڪري ٿو ته ان حوالي سان ڀلي تنقيد ڪجي. پر هي ڪهڙو طريقو آهي ته جنس کي بنياد بڻائي کيس کدڙو کدڙو چئي تذليل ڪجي. افسوس ته اهو آهي جو سوشل ميڊيا تي موجود ڪجهه سياسي ڌرين جا ساٿي جن جون جماعتون پاڻ کي سيڪيولر، ترقي پسند، قوم دوست ۽ انسان دوست سمجهن ٿيون، اهي به هن تي فتوائون ۽ ٺٺول ڪري رهيا آهن. اهي سڀئي مونکي اڄ حازم ڀنگوار اڳيان نهايت ئي ڪريل لڳا ۽ حازم انهن کان گهڻو وڌيڪ ترقي پسند لڳو. جنهن تي شبير شر لکيو ته بلڪل. ماڻھن جي جيتري ذھني اوسر ھوندي اظھار به اھڙو ڪريل،بدبودار  ڪندا، ننگر چنا لکيو ته اهڙن ماڻهن جي ڪُڌي سوچ تي افسوس، ناصر منصور لکيو ته آلوده ماحول ۾ هي برداشت نه ڪندا، سيدزاده ڪامران لکيو ته افسوس آهي انھن ماڻھن تي، ايوب کوسو لکيو ته اوهان سان سهمت آهيان. سجاد کوکر لکيو ته ٽرانسجيندر آهي؟ هاشم کوسو لکيو ته توهان درست چئو پيا، راجڪمار وڻجارا به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، جاويد احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حازم ڀنگوار ڪوليسٽ اسسٽنٽ ڪمشنر، انسانيت جو درد رکندڙ، فيشن ڊزائينر، سنگر، وڪيل آهي ان کان آخرڪار ماڻهن کي مسئلو ڪهڙو آهي؟ ڪمشنر نارٿ ناظم آباد ڪراچي، ڪميشن پاس نوجوان سرڪاري ملازم هجڻ سان گڏ فيشن ڊزائينر ۽ گلوڪار به آهي، مختلف پريميئرز ۽ ريڊ ڪارپيٽ جي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو رهندو آهي، برطانوي گلوڪاره جيسي جي، آمريڪي گلوڪار ۽ ريپرز فيوچر، جيسن ڊيرولو ۽ نڪي ميناج سميت ڪيئي گلوڪارن لاءِ گانا لکڻ بعد 2019ع ۾ پنهنجو پهريون گانو حرام رليز ڪيو، بعد ۾ هن وڌيڪ 4 گانا انگريزي ٻولي ۾ پنهنجي يوٽيوب چينل تي رليز ڪيا جڏهن ته تجهه ڪو ڀلايا سندس پهريون اردو گانو آهي، گانن تي ٻڌل البم پلي ود فائر گذريل سال رليز ڪيو حازم ڀنگوار 3 بين الاقوامي ڪمپنين جو برانڊ ايمبسڊر به آهي، شروعاتي تعليم آمريڪي رياست نيويارڪ مان حاصل ڪئي پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو جتي هن فيشن ڊزائيننگ اينڊ مارڪيٽنگ ۽ پوءِ قانون جي تعليم ايل ايل بي جون ڊگريون حاصل ڪيون، حازم جي والده فيروز اڪبر عراقي آرڪيٽيڪٽ آهي والد علي اڪبر ڀنگوار پاڪستان پوليس فورس ۾ بطور ڊي آءِ جي خدمتون ڏئي چڪو آهي، حازم ڀنگوار انساني درد به رکي ٿو هن حازم ڀنگوار فائونڊيشن جو بنياد رکيو، هن جو قصور صرف اهو آهي ته هي سنڌ فيشن ڊزائينر، سنگر، وڪيل، سنڌي آفيسر آهي ، جنهن تي بشير اي ميرجت لکيو ته اجايو بحث، هڪ آفيسر جي ڪپڙن تي بحث ٿئي يا ان جي ڪم تي؟ ڇا اسان کي اهي جاگيردارن جا پٽ وڏيرا آفيسر گهرجن جيڪي ڪاٽن جا وڳا پهري غريب جو ڪم ئي نه ڪن. روميصه ملڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪوليسٽ اسسٽنٽ ڪمشنر نارٿ ناظم آباد حاظم ڀنگوار جيڪو آرٽسٽ پڻ آهي.جنهن تي حسين منصور لکيو ته هڪ بيمار قوم طور اسان کي آرٽ جي ضرورت ناهي، جاويد علي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪالهه کان سوشل ميڊيا تي ڪجهه تصويرون رکي واويلا ڪئي پئي وڃي جيڪو عمل غلط آهي، حازم ڀنگوار لنڊن مان فيشن، مارڪيٽنگ، قانون ۾ ڊگريون حاصل ڪيون آهن هي نوجوان آرٽسٽ، ماڊل گلوڪار ۽ شاعر آهي، انسان دوست آهي ڪميشن پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو آهي نارٿ ناظم ۾ مقرر آهي، هو ننڍن ملازمن جون ضرورتون پوريون ڪندو آهي انهن جي نياڻين جون شاديون پنهنجي خرچ مان ڪرائيندو آهي. باغي رفيق سنڌي، جاويد جتوئي، ميان الياس، رفعت جبين پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته اوهان ٻين وانگر هن جي تصويرن تي طنز ناهي ڪئي ٽهڪ ناهن ڏنا ٺٺوليون ناهن ڪيون ته اوهان کي سلام آهي، اسان جي معاشري ۾ بحيثيت قوم سهپ تمام گهٽ آهي دنيا اوهان جي ننڍي کوهه کان ڪيتري ئي وڏي آهي ان ۾ اوهان کان مختلف نظر ايندڙ، مختلف ڪپڙا پائيندڙ اوهان کان مختلف ڪم ڪندڙ ۽ اوهان کان مختلف سوچ رکندڙ ماڻهو به موجود آهن، هي اوچتو وائرل ٿيندڙ فيشن ايبل شخص ڪير آهي؟ هن جو نالو حازم ڀنگوار آهي، حازم ڀنگوار 30 ڊسمبر 1993ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو هو ته جڏهن به مان پاڪستان اچان ٿو ته مون کي مشورو ڏنو ويندو آهي ته هي ملڪ اوهان جي رهڻ جي لائق ناهي اوهان واپس هليا وڃو، پر هن ان جي ابتڙ هتي مقابلي جو امتحان ڏئي بيورو ڪريسي جوائن ڪئي، اسان جي معاشري ۾ ان طرح جي فردن جيڪي ايتري اعتماد سان رهندا هجن ۽ ڪامياب به هجن قابل قدر آهي زندگي کي بنا خوف جي پنهنجي شرطن تي گذاريندڙ ڪو به انسان اندر مان ڪيڏو مضبوط آهي، هي اهو لکي رکي ڇڏيو ته هن جي مقرري بهترين مقرري ثابت ٿيندي ان طرح جا ماڻهو انتهائي رحم دل، مضبوط، ذهين، مهربان هوندا آهن.  جنهن تي حسن مجتبيٰ حازم لاءِ محبت جو اظهار ڪيو، سورٺ ٿيٻو لکيو ته ماڻهو ذهني طور پوئتي ٿي ويا آهن، زوهيب ڪاڪا به ردعمل ڏنو، ارشد کوسو لکيو ته مختصر کوھ ۾ ٺينگ ڏيندڙ ماڻھن جي ڪل ڪائنات سندن نگاھ جي حد تائين ھجي ٿي. جلال غني، رئوف علي، ايڊووڪيٽ چندر، فاروق لوڌي، شاهزيب رضا، صاحب خان ڀنڊ، فهد شيخ، عاصمه عبدالرحمان به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد رحيم زرداري لکيو ته ھر شخص جي ذاتي زندگي به آھي ڪھڙاب ڪپڙا پائي پر ڪم ڀلا ڪري، عباد قريشي، عين الله خان، عبدالاحد ميمڻ، رئوف علي، شعيب مرزا، وقار يونس، حسين زرداري، نويد عباسي، امجد ميمڻ به ردعمل ڏنو، خليل غلام نبي کوسو لکيو ته سڄي تعلقي جو بجيٽ ھن تي خرچ ٿيندو ھوندو، انجنيئر حبيب الرحمان، راجا عتيق، محمد بلال عباسي، عامر شاهه، اعجاز بروهي به ردعمل ڏنو. امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سلام آهي هن انسان کي جنهن روايتي نقطه نظر کي ترڪ ڪري ڇڏيو، جنهن تي نظام شيخ لکيو ته ڪنڌ ۾ ڪلي پيل آفيسرن کان هي زنده دل آفيسر عوام دوست هوندا آهن. عابد گل به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي. اياز بروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان وٽ نه لباس پسند، نه آرٽ پسند، نه موسيقي پسند، باقي اوهان کي لوفر بيوروڪريٽ گهرجن؟ جيڪي پنهنجي آفيس ۾ ماڻهن کي پيرن ۾ ويهاريندا آهن، غريب ماڻهن جي تذليل ڪندا آهن، هڪ فرد آرٽ سان پيار ڪري ٿو، جانورن جو خيال رکي ٿو، انسان کي انسان سمجهي ٿو ان کان وڌيڪ ڇا هجڻ گهرجي، اهڙن روين سان اسان حساس فردن کي وڃائي ويهنداسين، هن تصويرن ۾ خرابي ڇا آهي؟ ڪڏهن جونيئر ذوالفقار ڀٽو تي اعتراض ته هاڻ وري هن اسسٽنٽ ڪمشنر تي اعتراض ڇو؟ هڪ شخص پنهنجي آفيس ۾ آفيسر وانگر ئي موجود آهي ٻاهر نڪري ڇا به ڪري ٿو ان سان ڪهڙو فرق پوي ٿو اها ان جي ذاتي زندگي آهي مفت ۾ مشورو نه ڏنا وڃن، پاڻ به جيئو ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏيو. سهيل ٻٻر لکيو ته ماڻهو رڳو تنقيد ڪندا آهن هي آفيسر عوام جي خدمت ڪري ٿو، محمد امين بروهي لکيو ته ڪرپشن ڪندڙن کان ته هي چڱو آهي.