اشو آف دي ڊي … استاد جو شاگرد کي ڀونڊو: استادن جو اهڙو رويو درست يا غلط ؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
226

 استاد پاران شاگرد کي ڀونڊو ڏيڻ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن بعد هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو ته ڇا استاد جو اهڙو رويو درست آهي يا غلط؟ ڇا استاد جي مار ٻار جي سنوار آهي؟ ڇا شاگردن جي تذليل ڪندڙ استادن جي تربيت جي ضرورت آهي؟ ان حوالي سان فدا حسين جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجهه تربيت هنن استادن جي به ڪرايو جيڪي شاگردن کي ڀرئي ڪلاس ۾ تذليل جو نشانو بڻائين ٿا، جنهن تي مير وگهيو لکيو ته اهو ڀلو استاد آهي، نياز علي ڏاهري لکيو ته اهي استاد ناهن هوندا، منير سرجاڻي لکيو ته ڇو استادن جي پٺيان پيا آهيو ڪجهه رحم ڪريو، احمد علي جوڻيجو لکيو ته اهڙي تذليل اسان جي روز ٿيندي هئي، تڏهن ته هن وقت الله پاڪ لکين عزتون عطا ڪيون آهن، اڪرم علي لکيو ته ڇو استادن جي پويان پيا آهيو اوهان کي به ڪنهن استاد پڙهايو هوندو، ايم يونس سيهڙ لکيو ته سُٺا اُستاد پيءَ ماءُ جيئان هوندا آهن. ضرور چڱائي چوندو هوندس. اُستاد جي مار ٻار جي سنوار هوندي آهي. اھي ئي اُستاد اوھان کي سُٺي منزل تي پھچائيندا آھن. اُستادن جو قدر ٻاهرين مُلڪ وارن کان پڇو. اسان کي احساس اُستادن جو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان پڙهي لکي ڪنهن منزل تي پُهچنداسين. پوءِ اسان کي سڀ اُستاد ياد ايندا. جيڪي اڄ سُٺي پوسٽن تي آھن. پيءَ ماءُ ۽ اُستادن جو قدر ۽ عزت به سُٺا ٻار ڪندا آهن. محمد علي ڪانڌڙو تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هڪ استاد ڪلاس ۾ ستل آهي، ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استاد سڳورو شاگردن جو ابو ھوندو آهي، خير آهي، شاگرد جي وڊيو به هن شيئر ڪئي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ماستر محبت ۽ شفقت ۾ ڀونڊو ڏنو ھو ، منھنجي پيءُ جو دوست آهي، پاڙيسري آهي، مون کي ڪو اعتراض ناھي، جنهن تي ظهور بوزدار لکيو ته غير مهذب حرڪت! اهڙي تصوير رکي شاگرد جا احساس مجروح ڪيا ويا آهن، اهڙي حرڪت ڪرڻ وارو ضرور سزا جو مستحق آهي.

مهرباني ڪري يا ته ٻار جي تصوير بِلر ڪري رکو يا وري مورڳو ئي هٽائي ڇڏيو. احسن قاسم ماڪا لکيو ته شاگرد پڇيو استاد کان ته گليل ڪيئن ٿيندي آھي استاد اشارو ڪري سمجھايس . ٿورو ماڻھو مثبت سوچي ڏسي، غفار سنڌي جلباڻي لکيو ته آئون به اهو پيو چوان جڏهن پيءُ ماءُ جو حق آهي ته استاد جو به حق آهي، سيف الله صديقي به راءِ جو اظهار ڪيو، منير احمد لکيو ته استاد جي مار ٻار جي سنوار… ان اشو کي ايڏو هاءِ لائيٽ ڪرڻ نه ٿو ٺهي… ڇو ته استاد پي ماءُ جي جڳھه تي آهي.. اسان استادن جا زبردست موچڙا کاڌا ليڪن پوءِ به ڪڏھن تذليل نه سمجهيو سين ۽ ايترو ڊڄندا هئا سين جو استاد کي ايلاز منٿون ڪندا هئا سين ته ڀلي موچڙا سوايا هڻ پر بابا کي خبر نه پوي سو اها وري اسان جي والدين جي نصيحت هوندي هئي استاد جي لاءِ. ….ان ڪري ئي شايد اڄ ڪامياب آهيون..توهان جي هن پوسٽ سان استاد جي ۽ شاگرد واري رشتي کي ڌڪ رسندو. رهي ڳالھه استاد سائين کي به اڄوڪي دور جي حساب سان خيال ڪرڻ گهرجي پر خبر ناهي هتي ڪلاس ۾ ڪهڙو ماحول هو؟ ۽ ڇو استاد ائين ڪيو؟ ظاهر آهي پڙهائي دوران شاگرد ڪا حرڪت ڪئي هوندي….سرفراز کوسو به راءِ جو اظهار ڪيو، نويد چانڊيو لکيو ته شاگرد جي اھڙي ھمٿ افزائي ڪرڻ تي سڀاڻي ڪو شاگرد استاد سان وڙھي به سگھي ٿو پوءِ اسان جا دانشور ڏند ڪڍي چوندا ته استادن ٻارن کي ڪجھه سيکاريو ئي ناھي بابا استاد استاد آهي، ٿي سگھي ٿو ٻار ڪا غلطي ڪئي ھجي ان تي استاد اھڙو ريئيڪٽ ڪيو ھجي ھونئن ته ٻار ھڪٻئي کي ڀونڊا ڏيندا آهن ان وقت ڀلا انھن جي عزت تي ڪو فرق ڇو نٿو پئي؟ شبو شهباز لکيو ته 5 آڪٽوبر استادن جو ڏينهن ھو ۽ 6 آڪٽوبر شاگردن جو ڏينهن سڀني کي مبارڪ ھجي.

بلاول سنديلو لکيو ته سُٺا اُستاد پيءَ ماءُ جيئان هوندا آهن. ضرور چڱائي چوندو هوندس. اُستاد جي مار ٻار جي سنوار هوندي آهي. اھي ئي اُستاد اوھان کي سُٺي منزل تي پھچائيندا آھن. اُستادن جو قدر ٻاهرين مُلڪ وارن کان پڇو. اسان کي احساس اُستادن جو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان پڙهي لکي ڪنهن منزل تي پُهچنداسين. پوءِ اسان کي سڀ اُستاد ياد ايندا. جيڪي اڄ سُٺي پوسٽن تي آھن. پيءَ ماءُ ۽ اُستادن جو قدر ۽ عزت به سُٺا ٻار ڪندا آهن. گل بهار سومرو، مرتضيٰ تنيو، صالح سومرو ۽ آصف سومرو به راءِ جو اظهار ڪيو، صوفي ذلف علي لکيو ته استاد جي تربيت صحيح ٿيل ناهي، امجد علي لکيو ته شاگرد جو ڏسڻ به  نوابن وارو آهي، ياسر خان لکيو ته ڪا غلطي هوندي ان ڪري اهو اشارو ڏنو هوندس اها ڪا وڏي ڳالھه ناهي شاگرد سکندو ان مان هرو ڀرو غلط رنگ نه ڏنو وڃي، محمد ثناءُالله لکيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، شاهد قمر، طارق مصطفيٰ، سيد عبداللطيف شاهه، غلام علي ميمڻ، محمد علي سومرو به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، فاروق شر لکيو ته افسوس آهي ته هاڻي اسان جا ٻار ايترا ته معتبر ٿي ويا آهن جن کي استاد چماٽ هڻي ته استاد خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو استاد دڙڪو ڏئي ته اسڪول ۾ ٻارن جي سامهون والدين اچي استاد کي گهٽ وڌ ڳالهائي وڃن ٿا، استاد جيڪڏهن شاگرد کي ڀونڊو ڏئي ته مون جھڙا وڏا اڪابر دانشور سوشل ميڊيا تي تصويرون رکي استاد کي صرف بدنام ڪن هن تصوير رکڻ تي هڪ سوال پيدا ٿو ٿئي ته جڏهن ڪلاس ۾ استاد پڙهائي ڪري ٻار کي ڀونڊو ڏنو ته ايترو جلدي ڪيميرا ڪڍي تصوير ڪنهن ۽ ڪئين ڪڍي ڪيميرا ڪلاس ۾ ڪئين آئي؟ استاد ته ابي امڙ جي جاءِ تي سمجهيو ويندو آهي پوءِ ابي امڙ کي ٻار کي ڪنهن غلطي ڪوتاهي تي دڙڪو دهمان ڀونڊو ڏيڻ جو حق ناهي ڇا؟ پنهنجن ٻارڙن سان گهرن ۾ اهو سلوڪ ناهيون ڪندا؟ جڏهن اسان استادن وٽ پڙهياسين ته استادن جو تشدد جو هڪ عجيب انداز هو هڪ رول ٽيبل تي رکيل هوندو هو يا وڻ مان ٽاريون پٽي لٺ ٺاهي استاد کي ڏبي هئي جنهن سان مار ملندي هئي يا اٿ ويھه جي سزا يا ڪڪڙ به ٿيندا هئاسين جو ٽي ٽي ڏينهن هٿن ۽ جسم ۾سور هوندو هو پر ڪڏهن به والدين استاد سان اها شڪايت نه ڪئي ته منهنجي معتبر پٽ کي ڇو مار ڏني وئي آهي، استاد جي عزت ئي اسان جي عزت ترقي شعور آهي اگر ڪنھن به دوست کي منهنجي هن ڪمينٽ سان دل آزاري ٿي هجي ته هٿ جوڙي معافي جو طلبگار آهيان.  احسان خان رند، حسن سرجاڻي، امير احمد کوسو به راءِ جو اظهار ڪيو، حاجي مصري اقبال لکيو ته .جنهن کي استاد جي مار تي شڪايت ھجي اھو ٻار يا شاگرد ڪڏهن به اڳتي وڌي ڪونه سگھندو، سرويچ جهتيال لکيو ته پرائمري ۾ ته شاگرد استادن جي چوڻ تي ٽنگو ٽالي ڪندا هئا.

استاد جي مار ٻار جي سنوار هوندي آهي. مظفر گلال پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪي ڇوڪرا پنهنجي اسڪول ٽائيم ۾  نالائق ۽ گوسڙو ھئا اھي به اڄ استاد تي تنز ٿا ڪن ته استاد شاگرد کي بجو ڇو ڏنو؟ اسان جي دور ۾ استاد جو بجو ڪنهن دعا کان گھٽ نه سمجھيو ويندو ھو، استاد والدين برابر ھوندا آھن ھي اڄوڪا ڇوڪرا ھڪ بجي تي اکيون ابتيون ٿا ڪن، استاد جو احترام ڪريو، اھي بجا ئي اوھان کي وڏين منزلن تي پڄائيندا، جي نافرماني ڪندئو ته پنندا وتندئو، ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ننڍن مسئلن کي وڏو نه بڻايو، استاد ابو هجي ٿو  ڪا هجت هجي ٿي،هل خراب عمل ئي سمجهيو وڃي ان ڀونڊي کي، پر هي استاد ان استادن کان سئو ڀيرا عظيم آهي جيڪي گوسڙو آهن جيڪي ڊيوٽيون به نٿا ڪن، هر شيءِ مان چڪ نه ڪڍ هن استاد جي هن دور ۾ اهو ڊيوٽي ڪرڻ وارو عمل به ته ساراهه جوڳو آهي ڪنهن اها ڳالهه ڀلا نوٽ ڇو ناهي ڪئي؟ جنهن تي رفيق ثمر لکيو ته يار اسان اھي ماڻهو آھيون جيڪي ڪنهن بااثر جي وڏين غلطين تي خاموش ھوندا آھيون پر ڪنهن غريب معزز جي معمولي غلطي تي ھزار خاميون ڪڍندا آھيون، اسان جڏهن پڙھندا ھئاسين ته ان وقت اھو جملو وڏو مشهور ھوندو ھو ته” استاد جي مار ٻار لاءِ سينگار آهي” ته پوءِ اھي آدرش ڪيڏانهن ويا،اسان کي يقين آهي ته شاگرد جي ڪيل غلطي سبب استاد کيس تنبيهه ڪئي ھوندي،جنهن کي اجايو اشو بڻايو پيو وڃي. عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھن عمل کي ڪنھن به صورت ۾ صحيح نٿو چئي سگھجي ھي لاڙڪاڻو ايليمينٽري ڪاليج جو اسسٽنٽ پروفيسر آھي، جيڪو ڀرئي ڪلاس ۾  ھڪ شاگرد جي تذليل ڪري رھيو آھي. شاگرد ته ڇا پر معاشري جي ڪنھن به فرد جي ڪنھن عوامي ھنڌ تي ائين تذليل ڪرڻ اصل ۾ ان شخص جي عزت ۽ نفس کي مجروح ڪرڻ آھي، اھو شخص ڀلي کڻي ان عمل تي ري ايڪٽ نه ڪري،

پر ھن کي اھا ڳالھه خراب ضرور لڳندي آھي ۽ ٻين جي نظرن ۾ به ان جي عزت گھٽ ٿيندي آھي. جڏھن شاگردن سان ائين پيش ايندئو ته اھي به ٻين سان ائين پيش ايندا. ھن استاد خلاف ضرور ڪارروائي ٿيڻ گھرجي. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اهي چئبا آهن سلڇڻا شاگرد، لاڙڪاڻي جو متاثر شاگرد چوي ٿو…اهڙو ڪو اشو ناهي سائين سٺو ماڻهو آهي اهو جيڪو به هلي ٿو سو بند ڪريو. جنهن تي سردار احمد ٻرڙو لکيو ته سائين بابي جو به دوست آهي پاڙي جو آهي، معنيٰ دوست ۽ پاڙي جو آھي ته ڪلاس ۾ ڀونڊو  ڏئي ته علمي تدريسي رويو ٿيو. منير احمد لکيو ته استاد شاگر جو ماءُ پيءُ جيان هڪ رشتو هوندو آهي اهو ايترو مسئلو ئي نه هو جيترو بڻايو ويو آهي. شاگر تمام بهترين ۽ فرمانبردار پيو لڳي ۽ انشاءَالله ڪاميابي ماڻيندو، حميره شمس شيخ لکيو ته استاد پنهنجي عزت شان مان مرتبو وڃائي هاڻ صرف ڪرسي بچائڻ لاءِ شاگرد کان اهو بيان ڏياريو آهي، اشفاق شيخ لکيو ته اسان ته لڪڻ سان مارون کاڌيون، عبدالصمد لکيو ته سوشل ميڊيا سائين جي نوڪري ٿي وڃائي. ڀائو مگسي لکيو ته استاد جو دڙڪو شاگرد لاءِ دعا آهي، مير مرتضيٰ بالادي لکيو ته بطور شاگرد مان سمجهان ٿو ته خاص مسئلو ناهي استاد والدين برابرهوندا آهن اسان کي پرائمري اسڪول هائي اسڪول تائين استادن لٺيون هنيون ڪڪڙ ڪرايو تڏهن به ڪا شڪايت نه ڪئي، منور کيڙو لکيو ته اهو ئي استاد منهنجو به اٺين ڪلاس ۾ ايليمينٽري اسڪول ۾ استاد رهيو آهي هرو ڀرو اشو کپي خلق کي.. مون سميت ڪافي شاگردن کي سائين شفقت پيار سان سمجهائيندو هو دڙڪا به ڏيندو هو ته تنهنجي چاچا يا ڏاڏا کي گهرايون ٿا چئون ٿا پڙهائي ۾ به نه ٿو ڌيان ڏئي.. اڄ مان ان استاد کي وري به نمي سلام ڪندو آهيان جهڪي هٿ ملائيندو آهيان.. آصف علي تنيو لکيو ته اهو استاد سٺو استاد آهي، خادم حسين ابڙو لکيو ته وضاحت نه ڪري ته ڇا ڪري فيل ڪري ڇڏيندس، اعجاز خان سومرو لکيو ته استاد آهي غلطي ٿي سگهي ٿي، باقي ايترو اشو ٺاهي واويلا جي ڪهڙي ضرورت آهي.