اشو آف دي ڊي استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ: سوشل ميڊيا تي مسئلن جي نشاندهي، انتظاميا مٿان تنقيد

0
186

 استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ڪالهه آءِ بي اي پاران جي اي ايس ٽي لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ پيش آيل مسئلن جي سوشل ميڊيا تي نشاندهي ڪئي وئي، ٽيسٽ جي حوالي سان اميدوار مختلف سوال به پڇندا رهيا. ان سلسلي ۾ محمد عدنان خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صبح ساڍي 7 وڳي جو چيو هو 10 لڳي 45 منٽن تي ٽيسٽ شروع ڪئي، گرمي گهڻي هئي انتظام ڪي به نه هئا. جنهن تي نورالحيا لکيو ته اسان جي ٽيسٽ 11 لڳي 40 منٽن تي شروع ٿي، غزل مشي تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته حيدرآباد پبلڪ اسڪول ٻاهرا تمام گهڻي رش آهي، ظهير عباس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جن اميدوارن جي اي ايس ٽي جي ٽيسٽ ڏني، بائيو ميٽرڪ سسٽم هو  يا نه، ٽيسٽ ڪهڙي ٽائيم کان شروع ٿي، ويڪسين ڪارڊ چيڪ ٿيو يا نه؟ جنهن تي ڪنول منير لکيو ته ٽيسٽ ڏاڍي ڏکي هئي، فرقان علي لکيو ته اميدوار ٻڌائن ٽيسٽ ڪيئن هئي؟ جنهن تي اخلاق احمد آرائين لکيو ته آءِ بي اي سکر اڄ فيل ٿي ويو سنڌ سرڪار کي فوري ايڪشن وٺڻ گهرجي، 700 رپين جو چالان وٺي به صبح کان اميدوارن کي خوار ڪيو ويو، مهراڻ سهڙو لکيو ته پي ايس ٽي جي سلپ اڃا ناهي آئي؟ خاڪزادي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لکين شاگردن کي چار ڪلاڪ گرمي ۾ ويهاري، ايم اي سنڌي گرامر ماسٽر ليول جو پرچو ڏنو ويو، نصاب جي 50 ڪتابن کي نظرانداز ڪيو ويو؟، مجاهد حسين سيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽيسٽ ڏيڻ لا3 لکين اميدوار روڊن تي، ڇا سکر آءِ بي اي کي اندازو نه هو ته ايڏي رش ٿيندي، ڪروڙين رپيا اوڳاڙي ڪئي وئي پر انتظام ناقص ڇو ؟ جنهن تي ڪشور توگاڻي لکيو ته اندازو ڇو نه هوندو، انرولمينٽ هوندي. ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جتي سنڌ سرڪار پنهنجي آفيشل آگاهي ۽ اطلاعن وارن پيجز تي سنڌي ٻولي کي نظر انداز ڪري پئي اتي سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ ڀرتين جا ٽيسٽنگ ادارا به پنهنجي صوبي جي سرڪاري ٻولي ۽ سنڌ ۾ اڪثريتي 62 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي کي نظر انداز ڪن پيا، تازو استادن جي ڀرتي لاءِ سلپن ۾ ڏنل هدايتن مان سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ اڪثريتي ٻولي گم ڪئي وئي، آخر حڪمران طبقو ڇو مادري ٻولين جي ڪڍ پيو آھي، قومي ۽ انگريزي ٻولي اکين تي پر ان سان گڏ سنڌ سرڪار پنهنجي صوبي جي ٻولي کي به اهميت ڇو نه ٿي ڏي ۽ ههڙيون حرڪتون ڪندڙن کان پڇاڻا ڇو نه ٿي ڪري؟ جنهن تيعبدالحسين لطيف، اسد مڱڻهار، امر اقبال، حسن شيخ، شبير لغاري، لال بخش جسڪاڻي، منظور مهيسر ، جبار مهر، امداد جسڪاڻي، هوش ڀٽي، ممتاز صوفي، گل جوڻيجو ۽ ٻين اهڙي عمل جي مذمت ڪئي.احساس ابڙو لکيو ته اهو سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿي رهيو آهي، مخدوم شمس لکيو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي سان هنن جي پئي نه، پرويز سيال لکيو ته آءِ بي اي وارا سمجهن ٿا ته متان آڱوٺي ڇاپ ماستر هجن، عبدالغني خاصخيلي لکيو ته سنڌ سرڪار جون انتهائي مايوس ڪندڙ پاليسيون آهن، سنڌي ٻولي جي تحفظ عملي ادارن ۾ پڙهائڻ وارو رجحان ختم ٿيندو پيو وڃي، حڪومت ان اهم مسئلي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ممتاز ناز لکيو ته لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل به سنڌي ٻولي کي نظرانداز ڪرڻ واري ساڳئي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي احسان الله ڪالادي لکيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي ويندي هئي.ممتاز مصطفيٰ دوست لکيو ته حڪومت جي مادري ٻولين سان دشمني سمجهه  ۾ نٿي اچي، عبدالستار کوکر لکيو ته اهم مسئلي ڏانهن سوشل ميڊيا ذريعي ڌيان ڇڪايوآهي سنڌي ٻولي سان ماٽيلي واري سلوڪ جي مذمت ڪجي ٿي.