اشو آف دي ڊي ارباب رحيم وزيراعظم جو معاون مقرر: سنڌ جي سياست بابت سوشل ميڊيا تي بحث

0
177

اڳوڻي وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم کي سنڌ جي معاملن بابت وزيراعظم جو خصوصي معاون مقرر ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا ويا جڏهن ته سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي حوالي سان پڻ بحث جاري آهي. ان سلسلي ۾ حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيوته ارباب غلام رحيم سنڌ افيئرز بابت وزيراعظم جو خاص معاون مقرر ٿيو آهي، سنڌ افيئرز کاتو به آهي ڇا؟ ڊاڪٽوريٽ جي اعزازي ڊگري بعد هر ڪو ڊاڪٽر بڻجي ويو، اعزازي صلاحڪار بعد الائي ڇا ٿيندو؟ جنهن تي احسان ملاح لکي وته نوان کاتا ٺاهيندي به ڪا دير لڳندي آهي ڇا؟ رشيد ميمڻ لکيو ته کاتو نه هوندو آهي، خاص معاون کي ڪا به اسائنمينٽ ڏئي سگهبي آهي، سلطان احمد لکيو ته هن وقت پ پ ۾ ويٺل گهڻا 10 سال مشرف دور ۽ ارباب رحيم جي ويجهو رهيا اهي ڍنڍ جا پکي ڪنهن به ڪناري وڃي سگهن ٿا، اسد ممتاز رڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ارباب غلام رحيم وزيراعظم جو معاون هوندو پر هوندو اعزازي جنهن تي سعيد شر لکيو ته اعزازي هوندو، مصطفيٰ اياز مهيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏسون ٿا ته هاڻي آصف زرداري ٿر کي ڪهڙو پيڪيج ٿو ڏئي؟ ارباب رحيم وزيراعظم جو معاون ٿي ويو آهي، جنهن تي اياز کوسو لکيو ته پ پ وارن کي ڪجهه سوڙهو ڪندا، امر شر لکيو ته 14 سالن ۾ پ پ ٿر ۾ ڇا ڪيو آهي جو هاڻي ڪندا؟ جاويد جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي منظم ڪرڻ جون تياريون شروع آھن پ پ پ جي ڀوتارن سردارن سميت پير مير پنهنجون وفاداريون تبديل ڪندي نظر ايندا، جنهن تي زاهد نون لکيو ته اهو بي وقتائتو راڳ آهي، شاهد شاهه لکيو ته اهو ته سياست جو دستور آهي، صوفي ياسين شيخ لکيو ته ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي، طارق نثار لکيو ته جيڪي ڪائونسلر نٿا ٿي سگهن اهي تبديلي آڻيندا.سراج عظيم لکيو ته سياسي هلچل شروع آهي.