اشو آف دي ڊي … احتجاج ڪرڻ شهرين جو آئيني حق آهي: سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ساٿين جي گرفتاري خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
159

 سماجي ورڪر سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ساٿين جي گرفتاري ۽ مٿن دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، سنڌو نواز ۽ ساٿين جي آزادي جو مطالبو ڪندي پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌونوازگھانگھري ۽ سندس ساٿين تي تشدد ۽ گرفتاري جي سخت مذمت ڪجي ٿي، علي عباس جمالي پوسٽ شيئر ڪئي ته پولـــــــيس گـــــردي نامنــــــظور ! سنڌ اندر پنهجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ به ڏوھ بڻجي ويو سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمزه علي چانڊيو کي پوليس طرفان تشدد ڪري گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي…غلام حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي بھادر نياڻي سنڌو نواز گھانگھرو ء ان جي سمورن ساٿين کي آزاد ڪريو، صنم منگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌو نواز گهانگرو مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ تشدد جي مذمت ڪريون، کيس ساٿين سميت آزاد ڪيو وڃي، معراج سنڌي پوسٽ شيئر ڪئي ته ڦورن ھٿان قتل ڪيل حاڪم بروھي جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ ۽ ڪنڊيارو پوليس پاران سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي سرگرم رهندڙ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو، حمز علي چانڊيو ۽ سرمد آزاد مٿان بدترين تشدد ۽ گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي.همٿ مغيري پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌو نواز گهانگهرو جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، کيس فورن آزاد ڪيو وڃي. سنڌو نواز گهانگهرو، حمزه علي چانڊيو ۽ سندس ساٿين جي ڪنڊيارو پوليس هٿان تشدد ۽ گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا. امداد سومرو پوسٽ شيئر ڪئي ته نام نهاد جهموريت پسندن جي حڪومت ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي… عورت سياسي ڪارڪن سنڌو نواز گھانگھرو ۽ ان جي ساٿين تي دهشتگردي جي ايڪٽ تحت ڪيس داخل… شهزاد راءِ ۽شعيب جان چنو به پوليس تشدد ۽ گرفتاري واري وڊيو شيئر ڪندي سنڌو نواز ۽ ساٿين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. علي ڪامران سهتو به گرفتاري خلاف پوسٽ شيئر ڪئي. ڪفايت الله شيخ پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين  سنڌو نواز گھانگھرو جي گرفتاري جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي.

نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌو نواز گهانگهرو ۽ سندس ساٿين کي فوري طور آزاد ڪري، مٿن تشدد ۾ ملوث ايس ايڇ او ڪنڊيارو ۽ پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، جنهن تي علي رضا ٻرڙو لکيو ته سنڌو نواز ۽ ساٿين مٿان پوليس تشدد جي مذمت ڪجي ٿي، سيد عبدالهادي شاهه لکيو ته سنڌو نواز ۽ سندس ساٿين جي آزادي جو مطالبو ڪجي ٿو گڏوگڏ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي اپيل به ڪجي ٿي. محمد علي مارفاڻي لکيو ته وارھ واسي حمزه علي چانڊيو ۽ سنڌو نواز گهانگهرو جي گرفتاري۽ تشدد جي سخت مزمت ڪيون ٿا، حريف چانڊيو به ردعمل ڏنو، گهنشام ميگهواڙ لکيو ته سنڌو نواز گهانگهرو ۽ سندس ساٿين کي فوري طور آزاد ڪري اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي… همسفر لکيو ته اها پوليس ايئن ڇو ٿي ڪري، راجا شعيب ميمڻ لکيو ته معذرت سان، اها بليڪ ميلر آهي، مير مظهر ٽالپر ۽ سعيده گوپانگ به مذمت ڪئي، ڊاڪٽر سعيد مارفاڻي، سڪندر علي سيد، محمد انور قريشي، سلطان احمد، عبدالستار چانڊيو به سنڌو نواز جي گرفتاري تي ردعمل ڏنو.

ورثه پيرزادو به پوسٽ شيئر ڪندي سنڌو نواز گهانگهرو جي گرفتاري جي مذمت ڪئي ۽ آزادي جو مطالبو ڪيو، دانش نواز پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌو نواز , سرمد آزاد  شڪيل گهانگهرو ، امين  ، حمز علي  ، پريل  ، رفيق ، نويد ، راڻو کوسو نفيس مڱريو ، عاشق رند ، طارق گهانگهرو سميت ٻارهن وطن دوست عوام دوست سياسي ڪارڪنن تي منشيات فروشن ۽ ٻه ڏينهن ڪنڊيارو شهر ۾ قتل ٿيل  شهري ۽ وڌندڙ لاقانونيت خلاف احتجاج تي ڪنڍيارو پوليس پاران  گرفتار ڪري تشدد بعد ڪوڙي دھشتگردي جي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ورتو. ستار زنگيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڊياري  ۾ بدامني خلاف احتجاج ڪندڙ سنڌو نواز گهانگرو ,حمزي چانڊيي ۽ ساٿين جي  گرفتاري مذمت ڪجي ٿي، عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته احتجاج ڪرڻ شهرين جو آئيني حق آهي،سنڌو نواز گهانگهرو ءِ حمزا علي چانڊيو تي پوليس جي وحشياڻي تشدد ءِ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي،

ڪامريڊ فرحان کوسو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪنڊيارو ۾ سنڌو نواز گهانگهرو کي احتجاج ڪرڻ مهانگو پئجي ويو،  احتجاج دوران پوليس سان جهڙو ڪيترائي مظاهرين زخمي، سنڌو نواز گهانگهرو لاڪپ پنهنجي حقن لا۽ آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ ڪنڊيارو پوليس هٿان سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ساٿي گرفتار، هي ڪهڙي جهموريت آھي جهموريت جي دعويدار پارٽي پنهنجي دور۔اقتدار دوران سماجي ماڻهن کي جائز حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوھ هي ڪهڙو تحفو پيش پئي ڪري،خادم حسين چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ دوست سماجي اڳواڻ حمز علي چانڊيو عورت سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو تي ڪنڊيارو پوليس دهشتگردي جا قلم هڻي وحشياڻو تشدد ڪري ڪيس داخل ڪري ٿاڻي تي قيد ڪيو ويو آھي. عورت اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو  حمز علي چانڊيو سميت سندن ساٿين جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حمزعلي چانڊيو سنڌو نواز گهانگهرو سميت سمورن ساٿين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. علي شير لنڊ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ م سچ ڳالهائڻ وڏو گناھ بڻجي ويو آهي جيڪو حق سچ تي ڳالهائي ان تي لٺيون ۽ ڪوڙا ايف آ۽ آر داخل ڪيا ٿا وڃن قانون نالي ڪاب چيز ناهي رڳو ڀوتاري نظام قائم آهي سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمز علي چانڊيو ۽ ان جي ساٿين تي پوليس اهلڪارن جو تشدد کانپوءِ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ذوالفقار قادري، محمد نعيم چانڊيو، سنڌي اويس جمالي، احسان الله ڪالادي، مير مرتضيٰ چانڊيو، ماهنور شيخ، حق ابڙو ۽ ٻين به سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ساٿين جي گرفتاري خلاف پوسٽون شيئر ڪيون ۽ آزادي جو مطالبو ڪيو.