اشو آف دي ڊي … آدمشماري معاملي تي پيپلزپارٽي پاران آل پارٽيز ڪانفرنس: قومپرستن کي شريڪ ٿيڻ گهرجي يا نه؟ بحث

0
172

آدمشماري جي معاملي تي پيپلزپارٽي پاران آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ قومپرستن کي به دعوت ڏني وئي آهي، سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي ته قومپرست ڌرين کي ان ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي يا نه؟ عوام جي راءِ ورهايل آهي، ان حوالي سان مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيپلزپارٽيءَ طرفان 17 مارچ تي ڊجيٽل آدمشماريءَ بابت آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو !! ڇا ھن ڪانفرنس ۾ قومپرست پارٽين کي شرڪت ڪرڻ گھرجي يا نه ؟ جنهن تي سورٺ ٿيٻو لکيو ته شريڪ ٿيڻ گهرجي، الطاف ميمن لکيو ته بلڪل شريڪ ٿيڻ گھرجي، گل حسن سومرو لکيو ته شريڪ نه ٿيڻ گهرجي، اها ئي ته پيپلزپارٽي جي چال آهي، رحمت الله گرگيز لکيو ته قومپرست ڌرين وٽ ڳالھائڻ لاءِ مضبوط موقف آھي 15 سال ظلم ۽ سنڌ دشمني سنڌ جي ٻچي ٻچي جي سامھون آھي. پپلز پارٽي آھي ڇا سواءِ ڦرلٽ، سموريون قومپرست ڌريون ھڪ موقف جوڙي پيش ڪن، ڊاڪٽر غلام حسين لکيو ته ان کان اڳ ان معاهدي کي پبلڪ ڪيو وڃي جنھن معاهدي تي ايم ڪيو ايم سڀني پارٽين ( پ پ ،نواز ليگ، فضل الرحمان) کان گارنٽيون لکت ۾ ورتيون هيون. هيءُ آدمشماري ان معاهدي جو نتيجو آهي. پ پ چور مچائي شور وارو ڪردار ادا پئي ڪري. انور علي شاهه لکيو ته پيپلز پارٽي وارا وڏا ڊراميباز آهن مرڪز ۾ حڪومت سان گڏ ويٺا آھن اتي لکي ڏئي آيا، ته ڀلي آدم شماري ڪرايو ھتي اسان وٽ ڪانفرنس جا ڊراما ٿا ڪن جي آھيو سچا ت مرڪزي حڪومت مان استيفا ڏيو اچو اسان سان گڏ احتجاج ۾ بيھو، ذوالفقار شاهه لکيو ته بلڪل پارليامينٽ جي سياست ڪرڻ وارن کي سياسي در بند ناھي ڪرڻا پوندا ۽ ٻيو ته قومپرستن کي به گھرجي سنڌ جي مفادن خاطر پنھنجو چٽو موقف آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ رکن، وحيد مصطفيٰ لاشاري لکيو ته پيپلزپارٽي سنڌ مارچ کان خوفزده بڻجي 17 مارچ ڪانفرنس سڏائي قومپرستن کي دعوتن جو سلسلو تيز ڪيو اٿن جنهن ۾ قومپرست بلڪل به شرڪت نه ڪندا، احمد علي ڪهيري لکيو ته بلڪل قومپرست ڌرين کي ان ڪانفرنس ۾شرڪت ڪرڻ گھرجي،قومپرستن وٽ مضبوط دليل آھن جيڪي رڪارڊ تي آڻڻ گھرجن دنيا اڳيان پنھنجو ڪيس پيش ڪرڻ گھرجي، لياقت علي لطيفي لکيو ته اها پ پ پ جي سياسي چالاڪي آھي . جنهن کي عام فهم ۾ اسان انڌي اٽڪل چوندا آھيون سڀ قومپرست پارست پارٽيون انهي جو بائيڪاٽ ڪن، ڀاون داس لکيو ته قوم پرست اڳواڻن کي پنهنجو موقف ضرور رکڻ گهرجي، انجنيئر احمد علي ٻرڙو لکيو ته پيپلز پارٽي ڪرپشن جي ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهچايو آهي، اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي، انور علي شاهه لکيو ته ھڪڙا چون ٿا توھان ڪانفرنس ۾ وڃو پنھنجو موقف رکو مان انھن کي ٻڌائڻ ٿو چاھيان ت اسان احتجاجن ذريعي پنھنجو موقف پهچائي چڪا آهيون، اڃا به احتجاج جاري آهي، حسين منظور لکيو ته جيئن قومپرستن آمر مشرف جي ڪالاباغ مھم ۾ ھر ھنڌ شرڪت ڪري پنهنجي مضبوط دليلن سان رد ڪرايو ھو اھڙي طر اڄ به پيپلز پارٽي لاءِ ميدان خالي نه ڇڏڻ گھرجي، منير احمد بنگلاڻي لکيو ته منھنجي خيال ۾ پيپلزپارٽي پاڻ سنڌ جي اڪثريتي نمائنده جماعت آهي قوم پرست ته ھڪ يوسي جي حيثيت به نٿا رکن تنھنڪري پيپلزپارٽي پاڻ سنڌ جي فيصلن ۾ با اختيار آھي قوم پرستن کي دعوت ئي نه ڏيڻ گھرجي، صوفي طارق علي کوسو لکيو ته شرڪت نه ڪرڻ گهرجي ھن وقت جڏھن قومپرست ڌرين پ پ کي وڃي سوڙھو ڪيو آھي ھاڻي ھنن کي سنڌ ياد آئي، انيس ميمڻ، رحمت الله خان ۽ وحيد سنڌي به ردعمل ڏنو، احمد ڪي چانڊيو لکيو ته سڌو موقف رکن ته اها قبول ناهي، ايم بي خاصخيلي لکيو ته منهنجي خيال موجب ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي، اشرف جماڻي لکيو ته بلڪل شرڪت ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي ۽سنڌ جو ڪيس نهايت تياري ۽ مضبوطي سان پيش ڪرڻ گهرجي، عبدالغني لکيو ته پ پ هاڻي قوم کي بيوقوف پئي ٺاهي، نادر ناريجو لکيو ته قوم پرستن کي ھن ڪانفرنس ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪرڻ گھرجي. سعيد عباسي لکيو ته شرڪت لازمي آ ت جيئن اصل مقصد کي حاصل ڪجي.