اشو آف دي ڊي آءِ بي اي جا سوال: استاد ڪهڙا ٿيندا؟ سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
224

 آءِ بي اي پاران استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ۾ جيڪي سوال ڏنا ويا انهن تي سوشل ميڊيا تي مزاحيه سوال ٺاهي شيئر ڪيا پيا وڃن، اهو چيو پيو وڃي ته اهي ڏکيا سوال هئا مستقبل ۾ هن قسم جا به سوال اچي سگهن ٿا، ان کانسواءِ به بحث جاري رهيو ته ان طرح جو سوالنامو ڏيڻ درست هو يا نه، انهي سان اميدوارن کي فائدو ٿيندو يا نه، بهتر استاد ٿي ايندا.  ان سلسلي ۾ سارنگ منير سومرو طنزيه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ سوال نمبر 2: علامه اقبال ڪھڙي پين سان شاعري لکندو ھو بال پين، مارڪر يا پينسل ؟ جنهن تي شفيق سومرو لکيو ته هٿ سان لکندو هو،  آصف سومرو لکيو ته اهي سڀ غلط آهن ڪانو مس ۾ ٻوڙي لکندو هو، مهر قربان لکيو ته مارڪر سان لکندو هو، نسيم اشرف لکيو ته چاڪ سان لکندو هو، نذير احمد پنهيار لکيو ته کنڀ سان لکندو هو، سليمان سومرو لکيو ته ڪوئلي سان لکندو هو، عامر منير سومرو لکيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي، آءِ بي اي جهڙي بهترين اداري جي ساک خراب نه ڪيو، جبار آزاد منگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايندڙ وقت جي ماسترن کان سوال:  تصوير ۾ ڏيکاريل تارن جي پنجن ئي لائينن ۾ ڪيتري بجلي آهي ۽ ڪهڙي لائين ۾ ڪيتري بجلي آهي؟  1:  110  وولٽيج، 2: 220 وولٽيج، 3: 11 هزار وولٽيج، 4: بجلي کان بغير ؟ نوٽ: ٽيسٽر يا وولٽيج ميٽر جو استعمال سخت منع آهي، باقي هٿ لائي بجلي چيڪ ڪرڻ جي اجازت آهي. جنهن تي حفيظ احمد لکيو ته اها حقيقت آهي پيپر ۾ لکيل اسلاميات آهي مٿان ۽ سوال وري اٿڪس جا، ڀڳوان وشنو جو ڪهڙو ڪم آ؟؟ مهاوير جو اصل نالو ڇا هو؟؟ سوريا جي سلطنت ۾ ڪيترا ماڻهو ها؟؟ مهاوير بنا ڪپڙن جي ڪيترا سال جهنگ ۾ گھمندو رهيو؟؟ اهي سوال هئا.  سهيل ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استادن جون نوڪريون ۽ آءِ بي اي جي ڏکي ٽيسٽ، ٽيچرز جي نوڪرين لاءِ آءِ بي اي جو پيپر چون ٿا  ته ڏکيو آيو پر هڪ ڳالهه ته سمجهه ۾ آئي ته چيو وڃي ٿو ته 30 سيڪڙو اميدوار پاس ٿيا آهن. مان سمجهان ٿو ته پوءِ ته صحيح ٿيو ڇو جو جيڪڏهن اميدوار  لک کان مٿي  هجن ۽ نوڪريون 30 هزار هجن ته پوءِ ته ٽيسٽ سان سٺي ڇنڊ ڇاڻ ٿي وئي ۽  جي ميرٽ ٿي ته هر ٽيسٽ پاس ڪندڙ کي نوڪري ملندي ۽ جيڪڏهن  نقل ۽ ٻي حرڪت ناهي ٿي ته پوءِ ان ڏکي پيپر سان اهل اميدوار نڪري ايندا. جنهن تي قمر عباس وساڻ لکيو ته ائين ناھي جيئن اوھان سوچيو آهي ھر سبجيڪٽ ۾ 45سيڪڙو مارڪون لازمي کڻڻيون پونديون اگر ڪو ٽوٽل 80مارڪون کڻي ٿو ۽ ڪنھن ھڪ سبجيڪٽ ۾ 44سيڪڙو به مارڪون کڻي ٿو ته به اھو اھل سمجھيو نه ويندو ۽ ٻيو ته مٿي کان ھيٺ تائين سڌي ميرٽ ناھي يونين ڪائونسل ليول تي سيٽس اويلبلٽي جي بنياد تي ڏني ويندي سنڌ حڪومت کي پاليسي ۾ ڪجھه نرمي ڪرڻ کپي. محسن ٻٻر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بدقسمتي سان اهو اسان جو ڪلچر بڻجي ويو آهي ته جيڪو ٽيسٽ انٽرويو ۾ پاس نه ٿيو ته اهو صرف هڪ ئي راڳ الاپيندو ته سفارش ۽ پئسا هليا هوندا. آئي بي اي سکر، ساک وارو ادارو آهي. اهڙن ادارن تي آڱريون کڄنديون ته پوءِ سنڌ ۾ ڪوبه ادارو اسري نه سگهندو. جنهن تي عبدالغفار چاچڙ لکيو ته اوهان امتحان واري سينٽر تي هجو ها ته اوهان کي اداري جي ساک ۽ انتظامن جو اندازو ٿي وڃي ها ته ڪيترا شفاف آهن. شهريار سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

(۱)جيڪڏهن 45 سيڪڙو هر سبجيڪٽ ۾ پاسنگ اسڪور آهي ته پوءِ مارڪس به 45 ئي پاسنگ بيهنديون.

(۲) جيڪڏهن هر سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو ضروري آھن ته ڪمپيوٽر سائنس واري سبجيڪٽ ۾  10 سوال هئا. 10 مارڪس جو 45 سيڪڙو 4.5سيڪڙو بيهندو جيڪو نيگيٽو مارڪس نه هجڻ جي ڪري ممڪن ناهي.

(۳) جيڪڏهن 3 سبجيڪٽن کي ملائي 50 مارڪس جو هڪ پورشن ٺاهيندا تڏهن به انجو 45 سيڪڙو 22.5 مارڪس بيهندو جيڪو نيگتيو مارڪس نه هجڻ ڪري ممڪن ناهي.

پراڻي پاليسي هلندي 50 مارڪس پاسنگ مارڪس. يا وري پلاٽ کپندا.