اسلام آباد (بيورو رپورٽ) “روشن پنهنجو گهر” پروگرام بابت هليل مختصر ڊاڪيومينٽري تي وزيراعظم عمران خان ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جو چوڻ هو ته تقريب ۾ جيڪو اشتهار ڏٺو ان ۾ نوجوانن کي انگريزن وارا ڪپڙا ۽ پوڙهن کي پاڪستاني ڪپڙا پاتل ڏيکاريا ويا، خبر ناهي ته ان طرح ڪهڙو نياپو ڏنو ويو آهي؟


































