واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) لڳ ڀڳ ڏيڍ سال کان آمريڪا جي هڪ هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ لڳايل 7 هزار لائيٽن کي بند نه ڪيو ويو ۽ اهي لاڳيتو ٻرنديون رهيون. ميساچوسٽس جي ريجنل هاءِ اسڪول ۾ لڳايل 7 هزار لائيٽون آگسٽ 2021ع کان لاڳيتو ٻري رهيون آهن ۽ انهن کي بند ڪرڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه آهي. ڏينهن هجي يا رات اسڪول جون لائيٽون لايڳو ٻرنديون رهنديون آهن ۽ ان جي ڪري ڪمپيوٽر سروس جي هڪ خامي آهي. ان خامي جي نتيجي ۾ اسڪول انتظاميا لائيٽ سسٽم کي بند ڪرڻ جي قابل نه رهي آهي. جيئن ته فيبروري 2023ع ۾ هزارين ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ اهڙو مسئلو حل ٿي ويندو. اسڪول جي اختيارين موجب هر مهيني ان جي ڪري هزارين ڊالرن جو خرچ وڌي ويو آهي. هنن جو چوڻ هو ته اسان ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر هر ڀيري ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته خرچ بچائڻ لاءِ اسڪول ۾ گرين لائٽ سسٽم کي لڳايو ويو آهي. اهو سسٽم هڪ سافٽ ويئر تي هلندو آهي جنهن کي هڪ ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪيو ويو ته جيئن عمارت جي لائيٽن جي روشني کي ڏينهن يا رات موجب سلو يا تيز ڪري سگهجي. ان پروگرام جو مقصد بجلي ۽ پئسا بچائڻ هو پر آگسٽ 2021ع کان اهي لائيٽون لاڳيتو روشن آهن. اختيارين موجب سسٽم ڊيفالٽ پوزيشن تي هليو ويو آهي ۽ انهن لائيٽن کي بند ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.