ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران مڪاني قانون ۾ترميمون فائنل: ترميمي بِل سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو، صوبائي فنانس ڪميشن جي نئين جوڙجڪ ٿيندي، متحده جي  مطالبي تي اسڪول، ڪاليج ۽ ڊسپينسريون مڪاني ادارن کي واپس ڪيون وينديون، اٿارٽين جي سربراهي به ميئرن حوالي، ذريعن موجب سنڌ سرڪار پاران مڪاني قانون ۾ ترميم وارو بِل سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سنڌ سرڪار مڪاني ترميمي بل سنڌ ڪابينا جي اجلاس مان منظور ڪرائڻ بجاءِ سرڪيوليشن ذريعي ڪابينا ميمبرن کان منظور ڪرايو آهي، ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ به ترميمي بِل جي منظوري ڏني آهي، اهو ترميمي بِل جلد سنڌ اسيمبلي مان به منظور ڪرائڻ بعد لاڳو ڪيو ويندو. نئين ترميمي بِل ۾ اسڪول، ڪاليج  ۽ ڊسپينسريون ڪي ايم سي حوالي ٿينديون، جڏهن ته صوبائي مالياتي ڪميشن جي به نئين سِر جوڙجڪ ڪئي ويندي، ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين وارو عهدو ميئر ڪراچي، حيدرآباد اٿارٽي جي سربراهي ميئر حيدرآباد، لاڙڪاڻي اٿارٽي جي سربراهي ميئر لاڙڪاڻو ۽ سيوهڻ اٿارٽي جي سرواڻي ڄامشورو ضلع ڪائونسل جي چيئرمين  حوالي ٿي ويندي جڏهن ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي ريجنل بورڊن جا چيئرمين به ميئر  هوندا، جڏهن ته ڪي ڊي اي جي ملازمن تي هاڻ ڪائونسلز سروسز رولز لاڳو ٿيندا، نئين مسودي موجب ته ميئر ڪي ڊي اي ۾ چيف ايگزيڪيوٽو(ڊي جي) جي مقرري لاءِ ٽن ڪيڊر آفيسرن جا نالا سنڌ حڪومت کي موڪليندو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ سليڪٽ ڪاميٽي ۾ مشاورت هلندڙ هئي پر سليڪٽ ڪاميٽي جي ڪيترن ئي اجلاسن ۾ ترميمي بِل تي مشاورت نه ٿيڻ ڪري سنڌ حڪومت سرڪيوليشن ذريعي ڪابينا ميمبرن کان منظوري وٺي ڇڏي، هاڻ بل سنڌ اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش  ڪيو ويندو.