ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري سيڪريٽري تعليم کي خط لکي سنڌ جي هر تعليمي اداري ۾ طبي امداد جي سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن خط ۾ ڪراچي جي هڪ خانگي اسڪول ۾ شيشي جي بوتل جي ٽڪرن سان زخمي ٿيل پنجين ڪلاس جي شاگرد حذيفه جيفوت ٿيڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته شاگردن جا والدين ۽ عوام انهي واقعي کانپوءِ سخت ذهني اذيت ۾ مبتلا آهن، اهي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ طبي امداد ۽ سهولتن جي انتظامن تي ڳڻتي ۽ شڪايت جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن خط ۾ لکيو آهي ته اوچتي حادثي ، صحت  جي خرابي جهڙوڪ مٿي ۾ سور، بخار، الٽي، هاءِ بلڊ پريشر وغيره کي روڪڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن