ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اسڪواش جي اڳوڻي عالمي چيمپئن جهانگير خان پاڪستان اسڪواش فيڊريشن کي ملڪ ۾ راند جي زبون حاليءَ جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي 6 ڀيرا عالمي ٽائيٽل کٽيندڙ جهانگير خان چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان اسڪواش فيڊريشن ملڪ ۾ راند جي ڪرندڙ معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. پي ايس ايف جي ڏور اهڙن هٿن ۾ هلي وئي آهي جن کي اسڪواش بابت علم ئي نه آهي. هن چيو ته قومي فيڊريشن کي غير پيشيوراڻي طريقي سان هلايو پيو وڃي جنهن سبب اسڪوائش جي راند زوال جو شڪار آهي. عالمي سطح تي اسڪواش ۾ وڃايل مقام حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي سطح تي قدم کڻڻا پوندا.