ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان چيو آهي ته مونکي ۽ شاهه رخ خان کي گڏجي وڏي اسڪرين تي اچڻ لاءِ هڪ خاص فلم جو انتظار هو. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب سلمان خان بلاڪ بسٽر فلم “پٺان” ۾ شاهه رخ خان سان گڏ اسڪرين شيئر ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي ان کي شاندار تجربو قرار ڏئي ڇڏيو. سلمان خان جو چوڻ هو ته اسان کي ڪيترن ئي سالن کان ڪنهن اهڙي فلم جو انتظار هو جنهن ۾ مان شاهه رخ خان سان گڏ اسڪريم تي ايڪشن ۾ اچي سگهان ۽ پٺان اها فلم ثابت ٿي. سلمان خان چيو ته جڏهن مون شاهه رخ خان سان گڏ ڪرن ارجن فلم ڪئي ته اها بلاڪ بسٽر وئي ۽ هاڻي پٺان به بلاڪ بسٽر ٿي وئي. ٻئي طرف شاهه رخ خان جو چيو آهي ته سلمان ۽ مان هميشه کان گڏجي اداڪاري ڪرڻ چاهيون پيا پر اسان صحيح فلم، صحيح اسڪرپٽ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ڇو ته اسان ٻئي ڄاڻون پيا ته اسان کي اسڪرين تي ڏسڻ لاءِ ناقابل يقين جوش هوندو.