ڪراچي (شوبز نيوز) شوبز سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي اداڪارائن شادي کانپوءِ شوبز انڊسٽري ڇڏي ڏني، چند اداڪارائون خاموشي سان پاسيرو ٿي ويون. اداڪاره صنم بلوچ به سوشل ميڊيا تي متحرڪ نظر نٿي اچي ان ڪري صارفين کي سندس باري ۾ ڄاڻ نٿي پوي. تازو ئي منشا پاشا پاران انسٽاگرام تي ورزش جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ساڻس گڏ صنم بلوچ ۽ اداڪاره اريبه به نظر اچي رهيون آهن. وڊيو ڏسي صنم جا مداح ڪافي خوش آهن ته شايد هو جلدي اداڪاره کي اسڪرين تي ڏسي سگهندا. منشا پاشا صنم ۽ اريبه سان گڏ تصوير پڻ پوسٽ ڪئي آهي.