اسلام آباد: پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس جي  جاچ لاءِ جوڙيل اسڪروٽني ڪاميٽي 95 کان وڌيڪ اجلاس ڪيا، ان کان پوءِ اسڪروٽني ڪاميٽي اليڪشن ڪميشن کي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن مسلسل ٻڌڻيون ڪيون ۽ ائين ساڍا 7 سالن کان پوءِ ان ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو.