اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آخرڪار اسپيڪر  قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف گرفتار ٿيل فاٽا جي قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير کي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، اسپيڪر قومي اسيمبلي جي علي وزير بابت جاري ڪيل پروڊڪشن آرڊر تحت اڄ اربع ڏينهن کيس قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آڻڻ جو امڪان آهي، اسپيڪر گهرو مامرن جي سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي علي وزير جي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.