ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب ريفرنس جلد اڪلائڻ بابت  اهم فيصلو ڏيندي 104 نيب ريفرنسز خالي عدالتن مان فعال عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا،  لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ عدالت چيو ته عدالتي رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته احتساب عدالتن جي منتظم جج به ريفرنس خالي عدالتن مان منتقل ڪرڻ جو چيو هو، احتساب عدالتن جي منتظم جج چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي لکت ۾ آگاهي ڏني هئي ته خالي پيل احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ريفرنسز کي فعال عدالتن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، جڏهن ته ريفرنسز جي منتقلي تي نيب پراسيڪيوٽر به ڪو اعتراض نه اٿاريو، جاري ڪيل فيصلي موجب نيب عدالت هڪ مان 15 ريفرنس ڪورٽ نمبر 6 منتقل ڪيا ويا، انهن ريفرنسز ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف داخل ريفرنس پڻ شامل آهي، جڏهن ته احتساب عدالت نمبر 3 مان 7 ريفرنس عدالت نمبر 6 ڏينهن منتقل ڪيا ويا، ساڳئي ريت عدالت 19 ريفرنس ڪورٽ نمبر 7 ڪلفٽن ڏانهن اماڻي ڇڏيا، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفي ڪمال خلاف داخل ريفرنس به نيب عدالت 7 ڏانهن منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته احتساب عدالت نمبر ون سکر مان 57 ريفرنسز عدالت نمبر 3 منتقل ڪيا ويا.