ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اسپيشل برانچ ۾ فرض سرانجام ڏيندڙ 15 انسپيڪٽرن، 19 سب انسپيڪٽرن ۽ 20 اي ايس آئيز سميت 193 اھلڪارن کي پنھنجن لاڳاپيل ريجنن ۾ واپس اماڻيو ويو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته انهن آفيسرن ۽ اهلڪارن جون اسپيشل برانچ کي وڌيڪ خدمتون نه ٿيون گھرجن، ڄاڻايل آفيسر ۽ اهلڪار پنهنجي لاڳاپيل ريجنن ۾ رپورٽ ڪن. اسپيشل برانچ مان هٽايل اهلڪار سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين ريجنن سان تعلق رکن ٿا