ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) مشهور اسپورٽس پريزنٽر زينب عباس ڏکڻ آفريڪا ٽي 20 ليگ دوران سينچورين ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ رانديگر سان ٽڪر لڳڻ سبب گرائونڊ تي ڪري پئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٻڌايو پيو وڃي ته ميچ دوران اسپورٽس پريزنٽر مبصر کي بائونڊري لائين تي راند جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪري رهيو هو، ان دوران فيلڊر بال کي روڪڻ لاءِ بائونڊري تي ڊائيو هنئي ته سڌو وڃي زينب عباس سان ٽڪرائجي ويو. جنهن کان پوءِ هوءَ پنهنجو توازن وڃائي ويهي ٿي. واقعي کان پوءِ زينب عباس فوري طور تي اٿي جڏهن سندس ساٿين کانئس پڇيو ته ڇا هوءَ ٺيڪ آهي؟ جنهن تي هوءَ جواب ڏئي ٿي ته ها.