ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پ پ دور ۾ بحال ٿيل سوئي گيس ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ بعد اسٽيٽ لائيف مان به 650 کان وڌيڪ ملازم گھر ڀيڙا، اي پي پي مان به ملازم ڪڍڻ جون تياريون ، سندن پگھارون بند ڪيون ويون، ان حوالي سان ڪالهه اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن ذريعي ڄاڻايو ويو آهي ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ پ پ دور ۾ بحال ڪيل زونل مينيجرن، ايريا مينيجرن، ڊپٽي مينيجرن ۽ سيلز مينيجرن توڙي ملازمن کي عدالتي حڪمن تي برطرف ڪيو پيو وڃي، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هر ملازم ۽ آفيسر کي برطرفي جو الڳ الڳ ليٽر جاري ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي جي ملازمن کي به برطرف ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي ) انتظاميا پ پ دور جي بحال ٿيل ملازمن جي پگهار روڪي ڇڏي آهي. اي پي پي جي ذميوار ذريعن ٻڌايو ته اي پي پي جي سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جون پگهارون اڪائونٽ ۾ اچي ويون آهن، رڳو پ پ دور ۾ بحال ٿيل سمورن ملازمن جون پگهارون روڪيون ويون آهن،


































