اسلام آباد (رپورٽ ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت ايندڙ 4 ڏينهن ۾ اسٽيل ملز کي نجڪاري ذريعي حاصل جي خواهش رکندڙن کان تجويزون طلب ڪرڻ لاءِ اشتهار ڏيڻ ۽ تمام مختصر وقت ۾ اسٽيل ملز جي نجڪاري ڪري ان کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر کي ميثاق معيشت لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏيندي ناڻي وزير چيو آهي ته وفاقي حڪومت جو آءِ ايم ايف پروگرام مان نڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، تفصيل موجب ڪالهه ناڻي وزارت ۾ وفاقي وزيرن سيد فخر امام، خسرو بختيار، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته 1972ع بعد پهريون ڀيرو مختلف شعبن جي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي وئي  آهي، 14 ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن شعبن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ مختصر، وچين مدت ۽ ڊگهي مدت جا پلان ۽ حدف طئي ڪيا ويا آهن، ناڻي وزارت ۾ اهڙن سڌارن بابت هڪ يونٽ به قائم ڪيو ويو آهي، انهن شعبن جي ڪارڪردگي وڌائڻ بابت جوڙيل پاليسي تي عملدرآمد جو طريقيڪار به طئي ڪيو ويو آهي، سيپٽمبر مهيني کان انهن شعبن جي ڪارڪردگي جي جائزي وٺڻ جو عمل شروع ٿيندو، هر مهيني وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ويندي، هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت بجلي پيداوار 30 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ ڪري سگهون ٿا پر بجلي جي ٽرانسميشن 24 هزار ميگاواٽ تي رڪجي وڃي ٿي، جوڙيل پاليسي سان اهو مسئلو به حل ٿيندو، اسٽيل مل بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کان نه پڇيو وڃي ته ماضي ۾ ڇا ٿيو، اسٽيل ملز جي نجڪاري لاءِ لاءِ 4 گروپ ٺهيا هئا،  ان کان پوءِ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ اچي وياسين، ايندڙ 4 ڏينهن ۾ اسٽيل ملز کي نجڪاري ذريعي حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙن کان تجويزون گهرائڻ لاءِ اشتهار جاري ڪيا ويندا ۽ مختصر وقت ۾ واڪ ڪرائي اسٽيل ملز کي نجي شعبي حوالي ڪنداسين، هن چيو ته پينشنرن وارو مامرو ڪورٽ ۾ آهي، پينشنر به چاهين ٿا ته ڪورٽ کان ٻاهر مامرو حل ٿي وڃي، ناڻي وزير چيو ته ميثاق معيشت ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان مخالف ڌر وڌي ته وزيراعظم عمران خان اسان کي چئي ڇڏيو آهي ته توهان به مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪريو، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، آءِ ايم ايف پروگرام مان حڪومت جو نڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، ايندڙ آڪٽوبر مهيني ۾ آءِ ايم ايف سان آمهون سامهون ويهنداسين، مسئلن جو حل ڪڍنداسين، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته پاڻي جي فراهمي، سيوريج نظام ۽ ٻين سهولتن لاءِ بلدياتي نظام کي مضبوط ٿيڻ  ڪيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۾ في ايڪڙ پيداوار وڌائڻي پوندي، صنعت پيداوار جي وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته خام مال جي پاليسي آڻڻي پوندي، وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته هاڻي مختلف ملڪن مان شيون گهرائڻ بجاءِ انهن کي ملڪ ۾ ٺاهڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ مثال موبائيل آهن، فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير سيد فخر امام چيو ته زراعت اسان جي معيشت لاءِ ڪرنگهي وانگر آهي، پر گذريل 20 سالن دوران زرعي شعبي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، هن چيو ته ڪڻڪ جي 1400 رپين مان امدادي قيمت وڌائي 1800 رپيا ڪرڻ سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 22 لک ٽن اضافو ٿيو  آهي.