ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  اسٽيل ملز جي وڌيڪ 5000  ملازمن کي  امڪاني طور برطرف ڪرڻ واري ڪيس ۾ اسٽيل ملز جي وڪيل جا دليل مڪمل، يونائيٽڊ ورڪرز يونين جي وڪيل پنهنجا دليل ڏيڻ لاءِ عدالت کان ٽائيم گهري ورتو، ليبر ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران درخواست ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ ملازمن جي تنظيمن جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، اسٽيل مل جا آفيسر ۽ سوين ملازم پيش ٿيا، اسٽيل ملز جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي يونائيٽيڊ ورڪرز جي وڪيل چيو ته مون کي اسٽيل ملز جي موقف جي ڪاپي  اڄ  ملي آهي، ايترا صفحا نه پڙهي سگهيو آهيان، مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ملازمن جو چوڻ هو ته اسٽيل ملز ۾ 9350  ملازم ڪم ڪري رهيا هئا، عمران حڪومت 49 سيڪڙو ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سرڪار ۽ اسٽيل ملز انتظاميا باقي 51 سيڪڙو ملازمن کي به برطرف ڪرڻ چاهين ٿا،