اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آھي ته عدالت حڪم ڏئي ٿي ته عمران خان جي گرفتاري ٿيڻ گهرجي، عمران خان آرمي چيف سان ملاقات لاءِ منٿون ڪري رهيو آھي، پهريان جنرل باجوا جي تعريف ڪندو هو، اڄ ان جي ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آھي، اسٽبلشمينٽ جي وينٽيليٽر کانسواءِ عمران جي سياست جي ڪا اوقات نه آھي.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آھي ته گذريل ڪجھه ڏينهن کان عمران ڊرامو لگائي رکيو آھي، عدالت حڪم ڏئي ٿي ته سندس گرفتاري ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته عمران عدالتي حڪمن تي عمل بدران پنهنجي ماڻهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مزاحمت لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي، اسان صبر کان ڪم وٺون پيا،  هن چيو ته پرويز مشرف کان وٺي قمر جاويد باجوا تائين عمران خان ڪڏهن به اسٽبلشمينٽ جي پٺڀرائي کان سواءِ سياست نه ڪئي آھي، اسٽبلشمينٽ سان جهيڙو  ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي ٿيو، هاڻ عمران اڳوڻي آرمي چيف جي ڪورٽ ماشل ڪرڻ جا مطالبا ڪري رهيو آھي ۽ موجوده آرمي چيف سان ملاقات ڪرڻ  لاءِ منٿون ڪري رهيو آھي.  سياستدان کي جيل وڃڻو پوي ته عزت سان ويندو آھي پر هي ماڻهو روئي رهيو آهي جعلي پليستر لڳائڻ کي 4 کان پنج مهينا گذري چڪا آھن، ايتري عرصي ۾ فريڪچر به جڙي ويندا آھن، خواجه آصف چيو ته عمران خان بزدل ماڻهو آھي هي گرفتار به ٿيندو اسان کي ان جي گرفتاري جي ڪا به جلدي نه آھي،  عدالتن کي درخواست ڪندس ته ماضي ۾ ٻين سياستدانن وانگر عمران خان سان به قانون ۽ قاعدي موجب ورتاءُ ڪيو وڃي،  عمران خان کي سليڪٽو انصاف ۽ ٽريٽمينٽ جو تاثر نه ملڻ گهرجي، هاڻ ته ثاقب نثار به چئي رهيو آھي ته اسان عمران کي سو سيڪڙو صادق امين قرار نه ڏنو هيو، مون پهريون ڀيرو ٻڌو آھي ته ڪو پنجاهه يا 75 سيڪڙو به صادق امين هوندو آھي، هن چيو ته عمران خان آمريڪا ۽ اسٽبلشمينٽ کي پيرين پئي منٿون پيو ڪري، سڀني کي پيرين پوندو ڇو ته انٽيليجنس جي وينٽيليٽر کانسواءِ ان ۾ ڪا به همٿ ئي نه آھي. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته چونڊن خلاف ڪا ڳالهه نظر نه پئي اچي، چونڊن جون تياريون ٿي رهيون آھن، دوحا معاهدي تحت افغانستان پابند آھي ته افغانستان جي سرزمين دهشتگردي خلاف استعمال نه ٿئي.