فيصل آباد: نواز ليگ جي چيف آرگنائيز مريم نواز چيو آهي ته چونڊون ٿينديون، پر پهرين تارازي جا ٻئي پلڙا برابر ڪيا وڃن، چونڊن کان اڳ احتساب ۽ ڪجهه فيصلا ٿيڻا آهن

فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب دوران مريم نواز اڳوڻن ججز تي تنقيد ڪئي، مريم نواز چيو ته ملڪ ۾ معاشي تباهي جي ذميوار پاناما بئنچ آهي، جنهن نواز شريف کي نيڪالي ڏئـِي هڪ نشئي ۽ نااهل شخص کي عوام تي مڙهي ڇڏيو

هن چيو ته قوم پاناما بئنچ ۽ ثاقب نثار کي نه ڇڏيندي، پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو ته پاناما بئنچ کي مصيبت پئجي وئي، پاناما بئنچ ملڪي ترقي جي دشمن هئي، ثاقب نثار هاڻي ڀلي صادق ۽ امين جا سرٽيفڪيٽ واپس وٺي، پر قوم کيس معاف نه ڪندي

مريم نواز چيو ته آصف سعيد کوسه آئين، قانون ۽ عوام جو تماشو بڻايو، هاڻي عوام توهان کي گهرن ۾ آرام سان لِڪڻ نه ڏيندو

 پاناما بئنچ رڳو نواز شريف مان دشمني نه ڪڍي، پر عوام سان به دشمني ڪئي، نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ واري واري سان ڏوهه مڃي رهيا آهن، سازش ڪندڙ ڏوهه باسڻ سان گڏ لڪل چورن جا نالا به کڻي رهيا آهن

مريم نواز وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي ڪچري جو دٻو سمجهي اُڇلي ڇڏيو، هاڻي ته عمران خان جا سهولتڪار هڪ هڪ ڪري فرار ٿي رهيا آهن

ن ليگ جي نائب صدر چيو ته پلازه جا لينٽر به 5 مهينن ۾ کُلي ويندا آهن، پر عمران خان جي ڄنگهه جو پلاسٽر کُلڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، جيستائين ڪيس هلندا، عمران خان جي ڄنگهه تان پلاسٽر نه لهندو

مريم نواز چيو ته عدالتون طلب ڪن ته چوندو آهي پيرسن ۽ معذور آهيان، پر جلسي ۾ کيس پيرسني ۽ معذوري وسي ورندي آهي، افسوس آهي جو عمران خان فوتي ڪارڪن جي والد کي پنهنجي محل ۾ گهرائي تعزيت ڪري ٿو