اسٽيبلشمينٽ سياست کان پاڻ کي الڳ ڪري سگھندي؟

0
137
سنڌ کي اسلام آباد جي وائسراءِ ذريعي ھلائڻ جي سازش

ھٿياربند فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه ھيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ يوم دفاع ۽ شھيدن جي مناسبت سان تقريب کي الوداعي خطاب ڪندي مشرقي پاڪستان ۾ ناڪامي جو ذميوار سياسي قيادت کي قرار ڏيندي چيو ته 1971ع واري جنگ ۾ 92 ھزار نه پر 34 ھزار فوجين ويڙهه ۾ حصو ورتو، جڏهن ته مقابلي ۾ ھندستاني فوج جو تعداد 2 لک کان مٿي ھو. ھن چيو ته عام طور تي پھرين ان تي ڳالھائڻ کان پاسو ڪيو ويندو هو ليڪن مان ڪجھه حقيقتون درست ڪرڻ چاھيان ٿو اوڀر پاڪستان ۾ فوجي نه پر سياسي ناڪامي ھئي سياست ۾ فوجي مداخلت غير آئيني آهي. 44 سال ملٽري سروس تان رٽائرمينٽ ٿيڻ کان ڪجھه ڏينهن پھرين جنرل قمر جاويد باجوه وڌيڪ چيو ته 2018ع جي عام چونڊن کان پوءِ چونڊيل حڪومت کي سليڪٽ ۽ ھلندڙ سال اپريل مھيني ۾ تبديلي جي نتيجي ۾ جيڪا حڪومت قائم ٿي ته ان کي امپورٽيڊ جو لقب ڏنو پيو وڃي ان ۾ به فوج کي سڌي اڻ سڌي طرح ملوث ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فوج فيبروري مهيني ۾ فيصلو ڪري ورتو هو ته فوج جو سياست سان ڪوبه تعلق نه ھوندو. جنرل باجوه ويندي ويندي گھڻو ڪجهھ ٻيو به چئي ويو

ليڪن فوج جي سربراهه جي حيثيت سان ڪيل آخري تقرير وڌيڪ ڪيئي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن، سندس تقرير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 57 سالن جي تاريخ ۾ ملڪ اندر ھميشھ فوج جي مداخلت رھي جنھن کان ڪير انڪار به نٿو ڪري سگهي. اسٽيبلشمينٽ سياسي پارٽين کي ٽوڙي سياسي اڳواڻن جون وفاداريون بدلائي ھڪ ٻئي جي خلاف سياسي اتحاد قائم ڪرڻ ھٿ ٺوڪيون پارٽين کي ٺاهڻ سياسي قيادتن ۾ لکين روپيا ورھائڻ، چونڊيل حڪومتن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ، کين غداري جا لقب ڏيڻ، جيلن ۾ قيد ڪرڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ سولي تي چاڙهڻ سميت ڪيترن  واقعن ۾ ملوث رهي آهي ليڪن ڪڏهن به ڪنهن فوجي جنرل کي عھدي تي رھندي ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو بلڪه رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ھر ڪو  ڪھڙي نه ڪھڙي حوالي سان غلطي جو اعتراف ڪري ڇڏيندو آهي. ملڪ جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو، اڄ تائين قاتلن جي خبر پئجي نه سگهي ،71ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي جو ذميوار سياستدانن کي قرار ڏنو ويو، ڊڪٽيٽر ضياءُ 77ع ۾ مارشل لا لڳائي ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائيندڙ ۽ 73  جو متفق آئين ڏيندڙ عوامي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني. جسٽس نسيم حسن شاهه بعد ۾ اعتراف ڪيو ته ڊڪٽيٽر ضياءُ جي دٻاءُ ۾ اچي ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏني وئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي قبر اڄ به انصاف گھري پئي ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي ليڪن سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس پيل ھئڻ جي باوجود ججز سماعت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن نه وري پارٽي قيادت ان جي پوئيواري ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڊڪٽيٽر ضياءُ جي دور ۾ سياسي اڳواڻن ڪارڪنن صحافين کي ڪوڙا هنيا ويا قيد ۾ رکيو ويو بعد ۾ ڪنهن به فوجي جنرل اقتدار ۾اچي اھو اعتراف نه ڪيو ته ضياءُ جو ڪارو دور ھو بلڪه 1990ع ۾ پيپلزپارٽي جو رستو روڪڻ لاءِ جنرل اسلم بيگ ۽ ان وقت جي آئي ايس آئي جي سربراهه سياسي اتحاد جي شڪل ۾آئي جي آئي قائم ڪري نواز شريف ، غلام مصطفي جتوئي ، الطاف حسين ، بيگم عابده حسين ۽ ٻين سياستدانن ۾ ڪروڙين رپيا ورھايا  جنهن جو ڪيس اصغر خان جي نالي سان سپريم ڪورٽ ۾ پيل آھي. ھن وقت تائين جنرل اسلم بيگ يا اسٽيبلشمينٽ جي ڪنهن به ذميوار کي سزا ته ٺهيو پر ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو قومي خزاني مان ايڏي وڏي پيماني تي رقم ورهائي وئي ان جو ذميوار ڪير آهي قوم کي اڄ به اوندھه ۾ رکيو پيو وڃي.

ان کان پوءِ چونڊيل حڪومتن کي گھر ڀيڙو ڪيو ويندو رھيو ان وقت جي فوجي جنرلن جو ڪردار ڪنھن کان به ڳجهو ناهي پر ساڳي ڳالهه ته ڪنھن کي به ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو بلڪه ان ۾ سياستدانن کي سندن اقتدار جي اندروني ويڙهه قرار ڏئي کين اصل ذميوار قرار ڏنو ويو. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ نواز ليگ کي ٽوڙي ق ليگ جو وجود بنياد رکيو ويو 2002ع جي عام چونڊن کان پوءِ ق ليگ جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي سميت ڪيترين سياسي پارٽين جي ميمبرن کان وفاداريون تبديل ڪرايون ويون. فيصل صالح حيات، آفتاب شيرپائو سميت ڪيترن سياستدانن جي ڪرپشن جا ڪيس صرف ان بنياد تي ختم ڪيا ويا جن ظفرالله جمالي کي وزيراعظم جي لاءِ ووٽ ڪيو بعد ۾ انھن کي ان جي ڪابينا جو حصو بڻايو ويو. جنھن کان پوءِ بلوچ قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي کي پھاڙن ۾ شھيد ڪيو ويو جنرل پرويز مشرف کيس ڌمڪيون ڏيندي چيو ته اڪبر بگٽي کي خبر به نه پوندي ته راڪيٽ فائر ڪٿان ٿيو ليڪن بعد ۾ ڪنهن به سياسي حڪومت ۾ کيس ذميوار قرار نه ڏنو ويو ۽ نواب اڪبر بگٽي جو قتل پھاڙن جي نظر ٿي ويو. جنرل پرويز مشرف کي آئين ٽوڙڻ جي ڪيس ۾ سزا ڏني وئي ته عمل ڪرائڻ بجاءِ ججن تي تنقيد ڪئي وئي ليڪن ھن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو. ان کان سواءِ سياسي، قوم پرست ڪارڪنن کي لاپتا گم ڪيو ملڪ جي اعليٰ عدليه جي بار بار مداخلت جي باوجود ڪيئي اڄ به گم آھن جن کي ظاھر ناھي ڪيو سندن پونئرن کي اھا به ڄاڻ ناهي ته لاپتا ٿيل زنده به آھن يا دنيا مان ھليا ويا. موجوده حڪومت جي اتحاد ۾ شامل ٿيندڙ سردار اختر مينگل بار بار حڪومت کان مطالبو ڪري رھيو آھي ته لاپتا ماڻهن کي منظرعام تي آڻيو مٿن عدالتن ۾ڪيس ھلائي سزائون ڏنيون وڃن پر لڳي ايئن ٿو ته حڪومت ايتري ڪمزور آھي جو لاپتا ماڻهن جي معاملي ۾ لڪل چھرن کي ظاھر ڪرڻ کان ڪيٻائي رھي آھي.

شھباز شريف وزيراعظم ٿيڻ شرط لاپتا ماڻهن جي حوالي سان دعويٰ وڏي ڪئي ليڪن عملي طور تي ڪجهه نه ڪري سگهيو. ھاڻي پاڻ جنرل قمر جاويد باجوه جي ان سوال طرف اچون ته 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ پي ٽي آئي حڪومت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي حڪومت جي حوالي سان سليڪٽيڊ جو طعنو ، ڏوراپو ۽ معيار ڪنھن عوامي سطح تي نه پر اڄ جي حڪومت ۾ ويٺل سياسي پارٽين جي قيادتن ڏني ته عمران خان کي سليڪٽ ڪري آندو ويو جيڪو اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو آھي. تقريبن چار سالن تائين اسٽيبلشمينٽ کي اھو طعنو برداشت ڪرڻو پيو ۽ بقول سياستدانن جي ته اسٽيبلشمينٽ لاڏلي جو ھر انگل پورو ڪندي کيس برداشت ڪيو. ھاڻي جڏھن ھلندڙ سال ۾ گڏيل مخالف ڌر اپريل مھيني ۾ بي اعتمادي رٿ ذريعي عمران خان کي اقتدار تان ھٽائي ڇڏيو ته عمران خان جانور ، نيوٽرل امپائر ، مير جعفر مير صادق سميت ڪيترن ئي نالن سان اسٽيبلشمينٽ کي للڪاريندي چوندو رھيو ته طاقتور قوتون سندس حڪومت کي بچائڻ لاءِ قدم کڻي سگهن پيون ۽ کين روڪيو وڃي ھا پر انھن قوتن ايئن نه ڪيو ان ڪري به موجوده حڪومت کي عمران خان امپورٽيڊ قرار ڏئي ڇڏيو آهي جنھن جو ذڪر جنرل قمر جاويد باجوه پنھنجي خطاب ۾  چيو ته فوج جي سياست ۾ مداخلت غير آئيني آهي. جنرل باجوه کي ويندي ويندي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪرڻ گھرجي ھا ته سندس خاندان جي ميمبرن مٿان ٽيڪس نه ڏيڻ يا مبينه طور تي جيڪي الزام لڳايا ويا آهن انهن جي انڪوائري ڪرائي وڃي ان عمل سان سندس ساک ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو

ڇو ته ھن وقت سوشل ميڊيا جو دور آهي ڪا به ڳالهه نه ڪير روڪي سگهي ٿو نه وري کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جنرل باجوه جي مٿان ملڪ جي ٻاھر ڪئنيڊا سوئيٽزرلينڊ ۾ فارم ھائوس جي حوالي سان به عام جام ذڪر ڪيو پيو وڃي ان جي به وضاحت اچڻ گھرجي ڇو ته ماضي ۾ جيڪي آرمي چيف رھيا آھن اهي پرڏيهه ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ هن وقت تنقيد جي نشاني تي آهن ته جيڪو جنرل ، جج ، ڪامورو رٽائرڊ ٿئي ٿو ته ان جي پھرين ترجيح پرڏيهه ۾ رھڻ آھي ڄڻ ھتي شوڪت عزيز معين قريشي وانگر اچي وزيراعظم جي عھدي تي رھي بعد ۾ ھليا ويندا هئا. انھن سڀني ڳالھين سان اتفاق ڪرڻ جي باوجود اھو سوال پنھنجي جاءِ تي قائم آھي ته ذميوارن جو تعين آخر ڪير ڪندو ڪو ته اچي ان جو بنياد رکندو ته 75 سالن ۾ فوجي جنرلن ، ججن ، سياستدانن ، ڪامورا شاهي سميت جن به ذاتي مفادن خاطر ملڪ کي نقصان پھچايو جنھن جي نتيجي ۾ عوام بک، بدحالي، جهالت، بيروزگاري، مھانگائي جي چڪي ۾پيسجي رهيو آهي انھن کي ڪڏھن رليف ڏنو ويندو جن به ملڪ کي لٽيو آهي ان ۾ چاھي سياستدان ،فوجي جنرل ، ججز ، ڪامورا شاهي سميت ڪير به شامل ھجي کين سزا ملڻ گهرجي، باقي ايٽمي قوت جي باوجود اڄ ڪشڪول کڻي بين الاقوامي مالياتي سامراجي قوتن جي آڏو ھٿ ٻڌي سندن ھر فيصلو قبول ڪري عوام جي مٿان ٽيڪس لڳائي جيئڻ جو حق کسڻ ڪٿان جو انصاف ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ذميوارن جو تعين ڪرڻ سان گڏ سياستدانن کي به پنڊي جي گيٽ نمبر چار جا چڪر لڳائڻ بند ڪرڻا پوندا. اقتدار جي نشي خاطر ھڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ نه گهرجن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به اقتدار جي طاقت لاءِ سياست کان پري ٿيڻو پوندو  باقي ان جي بغير رٽائرمينٽ جو وقت اچڻ وارو ھجي يا اقتدار جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا ھجن ان وقت راشي ڪاموري وانگر اڇي ٽوپي پائي درس ڏيڻ جو ڪوبه فائدو ناهي. دنيا ڪٿي پھچي وئي انھن جي ترقي جو معيار صاف نظر اچي ٿو جيڪي پاڪستان کان پوءِ آزاد ٿيا وجود ۾ آيا اڄ انھن جو مثال پيش ڪيو وڃي ٿو پر بعد قسمتي سان تازو ٻوڏ جي نتيجي۾ سيوھڻ ڀرسان انڊس هاءِ کي ڏنل ڪٽ واري ننڍي روڊ کي تعمير نه ڪرائڻ جي نتيجي ۾ خيرپور سان تعلق رکندڙ ھڪ ئي  خاندان جا 20 کان مٿي عورتون ، ٻار ۽ مرد موت جي منهن ۾ ھليا ويا سنڌ حڪومت ۽ وفاق جو کاتو نيشنل ھاءِ وي ھڪ ٻئي کي ذميوار قرار ڏئي پنھنجي نااھلي لڪائي رھيا آھن لڳي نٿو ته ان جي ذميواري ڪنھن جي مٿان ايندي.