اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪراچي روشنين جو شهر هو، اسٽيبلشمينٽ کي پوءِ خيال آيو ته اسان جي هڪ پارٽي هجڻ گهرجي، سمورن غنڊن کي گڏ ڪري ايم ڪيو ايم ٺاهي وئي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته ڪراچي ۾ ڏهاڪن تائين باهه ۽ رت جي راند کيڏي وئي، وڏي مشڪل سان جند آجي ٿي هئي، اڄ وري سوچن ٿا ته تحريڪ انصاف کي روڪڻو آهي ۽ بارود جو ڍير گڏ ڪري شهر ۾ روشني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن عملي طور وفاقي حڪومت سان ضم ٿي وئي آهي، هڪ منصوبي تحت پاڪستان ۾ جمهوريت کي مڪمل طور تي ختم ڪيو پيو وڃي، پهريان بنيادي حق ختم ڪيا ويا، هاڻي ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪمشنر ۽ سندس ساٿي عوام جا ولن آهن.