اسٽيبلشمنٽ، تبديلي ۽ چونڊون

0
178
ريل مسافر اوخيل بابو، گورا ۽ ڪارا حڪمران

 زمان پارڪ، لاهور ۾، مشهور برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان پنهنجي سياسي جدوجهد، سياسي ساک، پنهنجي ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت، اسٽيبلشمنٽ، اليڪشن ڪميشن، عدالتن، ٻن اسمبلين جي ٽٽڻ بعد 90 ڏينهن اندر ٿيندڙ، نه ٿيندڙ چونڊن جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته سندس پاران چيل اهي سڀ ڳالهيون ڪي نيون نه آهن؛ يا هن پاران انٽرويوز ۾ اٿاريل سياسي سوال ۽ ٻين جي حوالي سان هن جون جيڪي شڪايتون، حڪايتون ۽ ميارون آهن، اهي ڪي نيون نه آهن! اسان هي به ڄاڻ رکون ٿا ته پاڪستان جي هر ايوان ۽ هر اداري ۾ منهن مهانڊا ضرور مٽبا آهن پر نيتون ساڳيون هونديون آهن، ڪم به ساڳيا هوندا آهن، ۽ ارادا به ساڳيا هوندا آهن. بي بي سي کي ڏنل پنهنجي هن تازي انٽرويو ۾ هو چئي ٿو ته، “مون سوچيو هو نئون آرمي چيف ايندو ته ڪا بهتر تبديلي ايندي، پر بهتر ته ڇا ڪابه تبديلي ناهي آئي. ويتر اسان تي، ۽ منهنجي پارٽي تي سختيون وڌي ويون آهن.” هن چيو ته، “هي بيان هلي رهيو آهي ته مان آرمي چيف سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو، پر مونکي اسٽبيلشمينٽ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڀلا جنهن پارٽي سان پوري ملڪ جو عوام گڏ هجي، اُن کي ڪنهن ٽئين ڌُر جي ضرورت آهي ڇا؟ مان رڳو ملڪ ۾ عام چونڊون چاهيان ٿو ۽ اُن لاءِ مان ڪنهن سان به ڳالهين ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان.” بي بي سي نمائيندي جي هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته، “مونکان پڇيو ويو ته جيڪڏهن اسٽبيلشمينٽ اوهان سان ڳالهيون ڪري ته ڇا اوهان ڳالهيون ڪندا؟، انهن کي سڌو سنئون جواب ڏنم ته، “مان سياسي ماڻهو آهيان. چورن (پي ڊي ايم) کانسواءِ سڀني سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون.” عمران خان پاران هن ڳالهه کي چٽو ڪيو ويو ته، هن نئين آرمي چيف کي ڳالهين جي ڪا ڪوٺ ڏني هئي يا وري شهباز شريف کي ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي. فوجي قيادت جي تبديلي بعد اسٽيبلشمينٽ جي رويي بابت سوال تي پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته “نئين آرمي چيف جي اچڻ سان ڪو فرق ناهي پيو، جنرل باجوه جي دور ۾ اسان تي ڪيس ٺاهيا ويا آهن. ان کان اڳ ڪڏهن به سينيئر سياستدانن تي ايترو تشدد ناهي ٿيو، اسان سوچيو هو ته نئون چيف ايندو ته تبديلي به اچي ويندي، پر تبديلي ناهي آئي، ويتر مسئلا وڌي ويا آهن. هن کان انٽرويو ۾ پي ايم ايل (ق) جي حوالي سان به ڪجهه سوال ڪيا ويا ۽ انهن سوالن ۾ شامل سوال ته “پرويز الاهي کي پارٽي صدر بڻائڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ توهان جو؟ طاقتور ادارن جو يا يا ڪنهن ٽئين ڌر جو؟” ته ان سوال جو جواب هن ائين ڏنو، “پرويز الاهي اسٽيبلشمنٽ جو دٻاءُ برداشت ڪيو. ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. ان ڪري کيس کي مان ڏيڻ لاءِ پارٽي جو اهم عهدو ڏنو.” هن پنهنجي ڪيسن جي حوالي سان به ڳالهايو ۽ چيو ته، “منهنجي خلاف ستر کان وڌيڪ ڪيس تيار ويا آهن. اهي ڪيس عجيب قسم وارا آهن. سو مونکي لڳي ٿو اهي سڀ ڪيس عدالتن ۾ ويندي ئي ختم ٿي ويندا”.ذڪر هيٺ انٽرويو کان پهريان ميڊيا ۾ هي خبرون گرم رهيون ته آرمي چيف جنرل عاصم منير عمران خان سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اخبارن هي لکيو ته ‘جنرل عاصم منير ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي، ڪاروباري ڪميونٽي سان ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.’اخبارن پنهنجن ذريعن جي حوالي سان هن قسم خبرون به ڇاپيون ته، آرمي چيف پاران چيو ويو آهي ته هو ملڪي سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو، بهتر آهي ته قومي سياسي قيادت پاڻ ۾ ويهي مسئلن جو ڪو حل ڪڍي. اخبارن پنهنجي ذريعن جي حوالي سان هي به لکيو ته ‘پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آرمي چيف سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي هئي پر کيس پيغام پهچايو ويو ته ڇا آرمي چيف جي حيثيت ۾ منهنجو ڪم هي آهي ته آئون سياستدانن سان ملاقاتون ڪندو رهان! ملاقات ڪرڻ واري خواهش جي ثابتي جي لاءِ ملڪ جي مشهور صحافي حامد مير ميڊيا ۾ هي ڳالهه ڪئي هئي ته ملاقات جي لاءِ رسائي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر انڪار تي پارٽي قيادت پاران موقف ۾ تبديلي جي منجن کي وڪرو ڪيو ويو. ذريعا چون ٿا ته ڪاروباري ڪموينٽي سان ملاقات ۾ آرمي چيف ايترو سو ضرور مڃيو ته ملڪ ۾ مسئلا ضرور آهن، ان جو هي مطلب ناهي ته اسان ميدان ڇڏي ڀڄي وڃون. اسان سڀني يعني عسڪري، ڪاروباري ۽ سياسي قيادت کي گڏجي ملڪ کي هاڻوڪن بحرانن مان ٻاهر ڪڍڻو آهي. پنهنجي ساڳي انٽرويو ۾ هن ملڪ ۾ مهانگائي ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي باري ۾ به ڳالهيون ڪيون، ملڪ کي معاشي ڌٻڻ ۾ وجهڻ وارن جي حوالي سان به ڳالهايو ۽ معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجن منصوبن جي باري ۾ به ڪافي ڪجهه ٻڌايو. سڀني ڪارڪردگين، ڳالهين، شڪايتن، ميارن ۽ منصوبن جو محور صرف اهي چونڊون آهن، جيڪي هاڻي پنجاب ۾ 30 اپريل تي ٿيڻ وڃي رهيون آهن ۽ پختونخواهه ۾ چونڊون ٿيڻ وارو مامرو گورنر هائوس جي سرڪاري نيتن هٿان يرغمال ٿيل آهي. مٿان وري هن سڄي عمل لاءِ سڄي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن وفاقي حڪومت کان 65 ارب رپين جي گهر ڪئي آهي، جنهن ۾ پنجاب ۽ پختونخواهه جي لاءِ 15 ارب روپين واري تڪڙي گهر به شامل آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته وفاق رڳو 5 ارب روپيا جاري ڪيا آهن. وفاقي حڪومت جو موقف وري هي آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون ٺيڪ نه آهن، سو چونڊن کي هڪ سال جي لاءِ ٽاري سگهجي ٿو. وفاقي وزيرن جي بيانن مان هي بوءِ اچي ٿي ته وفاقي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي موڊ ۾ ناهي. هڪ طرف هي عالم آهي ته ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي ڪاوڙ عمران خان تان لهي نٿي. هو زمان پارڪ لاهور تي عمران کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪاهه ڪري چڪو آهي. سندس جي خيال ۾ خانصاحب ملڪ ۾ سياسي فتنو آهي، ان فتني کي بند ۾، قيد هجڻ گهرجي.

عمران خان جي سياست سان هڪ نه سوين اختلاف رکي سگجهن ٿا. سندس جي سياسي موقفن، ٻاراڻن انگلن ۽ هر معاملي تي جبل جي چوٽي تي چڙهي وري اتان جلدي ۾ واپس ٿيڻ واري ڪارڪردگي تي اسان مان گهڻا خوش به ناهن پر هن جي لاڏلي هجڻ واري حيثيت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي. نه وري هن جي عالمي سطح تي مشهور شخصيت واري ڇاپ کي ڪو مٽائي سگهي ٿو. شايد اهوئي سبب آهي ته هو پنهنجي بهتر منصوبابندي جي سبب سوشل ميڊيا تي ڇانيل رهي ٿو ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا ۾ جيترا هن جا انٽرويوز نظر اچن ٿا، انهن جو انگ ٻين کان گهڻو آهي. هي به حقيقت آهي ته جهڙي طرح سان هن ملڪ جي هڙني سياسي پارٽين جي سربراهن جون اڪيلي سر ننڊون ڦٽائي انهن جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، غور ڪيو وڃي ته پاڪستان جون سڀ پارٽيون ملي ڪري به هن لاءِ ڪو خاص مسئلو نه بڻجي رهيون آهن. بلڪل اهڙي طرح سان هي حقيقت به عالم آشڪار آهي ته هن جيڪو اسٽيبلشمنٽ کي تنگ ڪيو آهي ۽ ان کي جيڪو جڳ جهان ۾ پڌرو ڪيو آهي، هن جو اهو ڪارنامو به پاڪستان جي هاڻوڪي سياسي تاريخ ۾ معتبر جاءِ ضرور والاريندو. اتي وري هي خيال به اسان جي ذهن ۾ اچي ٿو ته پاڪستان جون سڀ پارٽيون ملي ڪري به اسٽبلشمنٽ جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهيون آهن. هن وقت سڀ پارٽيون ۽ اسٽبلشمنٽ هڪ صفحي تي آهن. ٻئي پاسي هڪڙو عمران خان آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي هن هوڏ ته، “مونکي اسٽيبلشمنٽ جي ضرورت ناهي” تي مضبوطي سان قائم رهيو ته پنجاب ۽ پختونخواهه ۾ ته هو چونڊون کٽي ويندو پر مستقبل ۾ پنهنجي ان سوڀ جي بنياد تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به توڙي سوڀ کڻي نه به ماڻي پر سرسي واري حالت ۾ ضرور اچي ويندو. عمران خان ننڍپڻ کان ئي ڀاڳن وارو رهيو آهي. سندس جواني جيڪڏهن اسڪينڊلز جي زد ۾ رهي آهي ته انهن اسڪينڊلز هن جو ڪجهه به نه بگاڙيو آهي ۽ سياست ۾ پير پائڻ کانپوءِ هن وقت به جيڪڏهن هو سياسي لوڏن ۾ آهي ته تازا سروي ۽ ملڪي حالتون ٻڌائي رهيون آهن ته هو انهن مان به پار پئجي ويندو. جواني ۾ هن جي پويان هن جي شخصيت جو سحر هو، سياست ۾ آيو ته هن جو سهارو ملڪ جي اسٽيبلشمنٽ بڻي. تحريڪِ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ پنهنجي ڪرسي وڃائڻ بعد هاڻي جڏهن حڪومت کان ٻاهر آهي؛ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.انهن سببن تي اسان سڀني کي سوچڻ گهرجي ته ائين ڇو آهي، جو هڪ شخص توڙي جو پنهنجي ڪنهن به موقف تي قائم نٿو رهي ۽ روز هڪ نئين ڳالهه ڪري ٻئي ڏينهن وري ان تان ڦري وڃي ٿو پر عوام ۾ هو مقبول آهي. وقت جي حڪومت جيڪڏهن هن خلاف ڪو قدم کڻي ٿي يا ڪا مشڪل صورتحال پيدا ڪري ٿي ته ادارا هن جي مدد جي لاءِ اڳيان اچي وڃن ٿا آهن. ميڊيا هن جي ٻانهن ٻيلي بڻجي وڃي ٿي ۽ عوام هن کان ڦِري نٿو. انهن سببن تي اسان سڀني کي سوچڻ گهرجي ته ائين ڇو آهي؟ منهنجي خيال ۾ هڪ واحد اها ڪرپشن واري ڪهاڻي آهي، جيڪا عمران خان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي وچ ۾ ليڪو پايو بيٺي آهي. توڙي جو عمران خان تي به پنهنجا نوازي، بدعنواني ۽ ملڪي جي خراب معاشي حالتن جا الزام به لڳي رهيا آهن پر آخر اها ڪهڙي دعا ۽ دوا آهي جيڪا هن کي محفوظ به بڻائي رهي آهي ته بچائي به رهي آهي.