بينڪاڪ (دلچسپ نيوز) اسٽور ۾ 6 فوٽ ڊگهي سانڊي داخل ٿي وئي، خريدار پريشان ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ جي سپر اسٽور ۾ واقعو پيش آيو، وڏي ۾ وڏي سانڊي جي اوچتو اسٽور ۾ داخل ٿيڻ سبب هراس پکڙجي ويو جڏهن ته اسٽور ۾ افرا تفريح مچي وئي، عملو ۽ خريدارهيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا بعد ۾ اسٽور انتظاميا جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو عملي پهچي وڏي جدوجهد بعد سانڊي کي پڪڙي ورتو. واضح رهي ته دنيا جي سڀ کان قديم سانڊي 140 ملين سال اڳ به موجود هئي.