ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته احتجاج جو حق سڀني کي آھي، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن  خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪو پوليس آفيسر ڪم نه ڪندو ان کي سزا ڏني ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام کانسواءِ پوليس  هلي نه سگهندي، عوام پوليس جي مدد ڪري، شهري ڪمرشل جڳھن تي سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳائي، شڪي ماڻھن بابت 15 تي اطلاع ڪن، هن چيو ته پوليس جي  جاچ واري شعبي کي بهتر ڪري رهيا آهيون،  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاق  جي چوڻ  تي ڪنهن ٿاڻي جو ھڪ به پوليس اھلڪار اسلام آباد ناھي ويو، ٽريننگ سينٽر وارا اھلڪار اسلام آباد اماڻيا ويا آهن، هوڏانهن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي آءِ جي چيو ته ڪراچي امن امان جي حوالي سان بهتر شهر آهي، هتي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم گهٽ آهي، گذريل سال ڪراچي ۾ 82 هزار ۽ لاهور ۾ اڍائي لک ڏوهه ٿيا، اسٽريٽ ڪرائيم آسان ڏوهه  ۽ ڪراچي جو پراڻو مسئلو آهي،اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام لاءِ قانون ۾ سخت سزائون هجڻ گهرجن،ٻئي طرف آءِ جي غلام نبي ميمڻ سي پي او ۾ سي ٽي ڊي کي اپگريڊ ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته سي ٽي ڊي لاءِ گھربل جديد سامان، ڪمپيوٽر، سافٽ ويئر ۽ گاڏين وغيره جي خريداري واري عمل کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ سرڪار حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيدبينظيرآباد ۾ رينج سطح تي سي ٽي ڊي ڪامپليڪس ٺاهڻ جون سفارشون منظور ڪري ورتيون آهن،