اسٽروڪ وڪٽري ۽ نظريه ضرورت

0
342
جمهوري راند جا اصول طئي ڪريو

 محبوب جي موڊ وانگر پاڪستاني موسم ۽ سياست جي به صحيح اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي. اها صبح منجهند شام تبديل ٿيندي رهي ٿي. موسميات کاتي هڪ طرف اڄ ٻيهر سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي ۾ مني فوٽ تائين تيز برسات پوڻ سبب شهري ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ٻئي طرف لاهور رجسٽري ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ پنجاب اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي فيصلي خلاف ڪارروائي ملتوي ڪندي سومر تائين حمزه شريف کي پنجاب جي ”امين“ وزيراعليٰ طور ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي جيڪو هڪ نئون اصطلاح آهي۽ جنهن جو پاڪستاني آئين ۾ ڪو ذڪر ناهي. ان جو مطلب ڪورٽ سڳوريءَ اهو ٻڌايو آهي ته هو جيڪي فيصلا ”ميرٽ“ تي نه ڪندو اهي ڪورٽ سڳوري رد ڪري سگهندي. ايئن هڪ دفعو ٻيهر اقتدار جي ٽڪنڊي ۾ وڌيڪ عدم توازن پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪورٽ سڳوريءَ اهو به اشاروڏنو آهي ته بظاهر ڊپٽي اسپيڪر جو فيصلو سندن 17 مئي جي فيصلي موجب ناهي. جنهن سان حڪمران اتحاد کي وڌيڪ ڌڪ لڳندو.

جمعي جي ڀلاري ڏينهن پنجاب اسيمبليءَ ۾ توقع جي ابتڙ حيرت انگيز فتح ۾ حمزه شريف ٻيهر پنجاب جو وزيراعليٰ چونڊجي ويو. ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ڪمال هوشياري سان ايوان جي ڪارروائي هلائيندي پهريائين پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن مٿان جن ۾ شاهه محمود قريشي جو ملتان مان چونڊيل پٽ به شامل هو، نواز ليگ جي اعتراض جي رٿ کي رد ڪري مخالف پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ کي خوش ڪري ايوان جي ڪارروائي پرامن نموني هلائڻ لاءِ ماحول سازگار ڪيو، نظم سان نون ميمبرن کي قسم کڻايو، ووٽ وجهرايا، ڳڻپ ڪرائي ۽ اعلان ڪيو ته چوڌري کي 186 ۽ حمزه کي 179 مليا آهن پر آخر ۾ هاڪي راند وانگر پينالٽي اسٽروڪ تي هٽ هڻندي کيسي مان ق ليگ پارٽي سربراھه چوڌري شجاعت جو هڪ ڏينهن اڳ صحي ڪيل خط پڙهي ٻڌايو جنهن۾ هن پنهنجن ڏهن ئي ميمبرن کي حڪم ڏنو هو ته هو حمزه کي ووٽ ڏين. ان خط کي سامهون رکي ڊپٽي اسپيڪر آئين جي آرٽيڪل63-A تي سپريم ڪورٽ جي 17 مئي جي فيصلي جي روشني۾ ق ليگ جي ڏهن ميمبرن کي پنهجي پارٽي سربراهه جي حڪم عدولي تي منحرف ميمبر قرار ڏيندي، سندن ووٽ رد ڪندي حمزه شريف کي ٽن ووٽن تان ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو.

ايئن تخت لاهور جي دنگل ۾ ديره غازي خان جي مزاري گجرات جي چوڌري کي هارائي لاهوري شريف کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو. سٺي ڳالھه اها ٿي ته خدشي جي ابتڙ ڪو ميمبر اغوا يا غيرحاضر نه ٿيو. اها ڳالھه به دلچسپي کان خالي ناهي ته 17 مئي جي سپريم ڪورٽ جي 5 مقابلي 3 ججن جي اڪثريتي فيصلي جي پي ٽي آءِ آجيان ڪئي هئي ڇو ته ان جو فائدو پي ٽي آءِ کي پيو هو جنهن جي بنياد تي حمزه شريف پنهنجي وزارت اعليٰ وڃائي ويٺو هو پر هن دفعي هو مخالفت ڪري رهيا آهن ڇو ته ان جو کين ئي نقصان پيو آهي ۽ ڪمال قدرت سان جنهن کي بظاهر زرداري نسخي جي ڪرامت قرار ڏنو پيو وڃي حمزه وزيراعليٰ بنجي ويو آهي. جنهن سان تازو ضمني چونڊن ۾ پيدا ٿيندڙ نفسياتي اثر کي ڪنهن حد تائين گهٽائڻ ۾ حڪمران اتحاد کي عارضي ڪاميابي ملي آهي. پر ان سان گڏو گڏ پردي پويان اشارن تي هلندڙ پاڪستاني موقعي پرست سياست هڪ دفعو ٻيهر سندن هدايتڪارن جي جهيڙي ۾ پنهنجي ساک کي بهتر ڪرڻ بدران ڪيرائي رهي آهي.

17 مئي تي سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن جن۾ چيف جسٽس عمرعطا بنديال، جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل هئا صدارتي ريفرنس تي فيصلو ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي وضاحت ڪندي منحرفن جي سيٽن جي خالي هجڻ سان گڏوگڏ اهو به چيو هو ته منحرفن جا ووٽ نه ڳڻيا ويندا.ٽن ججن جي ان فيصلي سان ڪي پي ڪي جي ٻن ججن جن ۾ جسٽس مظهرعالم ميان خيل ۽ جسٽس جمال مندوخيل شامل هئا اهو چئي اختلاف ڪيو هو ته “اهو فيصلو آئين کي ٻيهر لکڻ برابر ٿيندو.”جيڪو سندن اختيار ناهي ۽ جي پارليامينٽ ضروري سمجهي ته منحرفن تي وڌيڪ پابنديون هڻي سگهي ٿي. ان فيصلي تي تڏهن پي ٽي آءِ ليڊرن آجيان ڪندي اهو چيو هو ته ان فيصلي سان امپورٽڊ شوباز جي پٽ جي پنجاب حڪومت فارغ ٿي وئي آهي.

هاڻي حمزه جي ٻيهر چونڊ بعد اڌ رات جو سپريم ڪورٽ جي لاهور رجسٽري کولي وئي۽ متاثر پرويز الاهي حمزه جي چونڊ خلاف پٽيشن داخل ڪري ڇڏي پر صبح سوير ڪورٽ سڳوريءَ جا دروازا کلڻ کان پهريائين ئي گورنر هائوس جا دروازا کلي ويا جتي حمزه شريف گورنر هٿان قسم کڻي ٻيهر وزيراعليٰ بنجي ويو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ڪارروائي هلائيندي صدارتي ريفرنس تي فيصلو ڏيندڙ ساڳين ٽن ججن جن مان ٻه پنهنجي گهر لاهور آيل هئا، ڊپٽي اسپيڪر کي منجهند جو گهرايو جنهن پاڻ اچڻ بدران پنهنجي وڪيل کي موڪليو ۽ ڪارروائي هلائي. هاڻي بحث طلب مسئلو اهو آهي ته ميمبرن کي منحرف ڪنهن جي حڪم عدولي جي صورت ۾ چئي سگهجي ٿو؟ پارلياماني پارٽي جي حڪم جي ؟ يا پارٽي سربراهه جي؟ ق ليگ جي دعويٰ موجب هڪ ڏينهن اڳ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾اهو فيصلو ٿيو هو ته چوڌري پرويز الاهي کي ووٽ ڏنوويندو.پر نواز ليگ جي دعويٰ آهي ته اهڙي ڪا به گڏجاڻي نه ٿي آهي۽ نه ئي ان جو ڪو ثبوت آهي. حڪمران اتحادي پارٽين اهو به مطالبو ڪيو آهي ته ان اهم مسئلي تي ٽن ڄڻن جي بينچ بدران فل ڪورٽ ويهاري وڃي ۽ پهريان ئي ساڳي نوعيت جا ملتوي ڪيل مقدما ان سان ڳنڍي ٻڌا وڃن ۽ ان معاملي تي فيصلو ڪيووڃي. هنن اهو به چيوآهي ته ان فيصلي سان ملڪي سياست ۽ معيشت ڳنڍيل آهي. سياستدانن ان ڳالھه جي به نشاندهي ڪئي آهي ته جڏهن سينيٽ ۾ يوسف رضا گيلاني جي چيئرمين جي چونڊ دوران سندن ستن ووٽن کي رد ڪرڻ واري پرزائيڊنگ آفيسر مظفر شاھه جي متنازعه رولنگ خلاف هنن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ته ڪورٽ سڳوريءَ ان کي اهو چئي رد ڪيو هو ته آئين موجب هو پارلياماني ڪارروائي ۾ مداخلت ڪري نٿا سگهن. هنن چيو ته جڏهن ان وقت مداخلت نه پئي ٿي سگهي ته پوءِ هاڻي مداخلت ڇو ٿي رهي آهي؟

آئين جي آرٽيڪل 63-A جو مطالعو ڪبو ته نظر ايندو ته ان۾ پارلياماني پارٽي جي فيصلي جي انحرافي جو ذڪر ته ڪيو ويو آهي پر اڳتي هلي سب آرٽيڪل 1 ۾ چيو ويو آهي ته منحرف ميمبر جي نااهلي جو فيصلو پارٽي سربراھه ڪندو جنهن جي فيصلي جي ڪاپي پارلياماني سربراھه پرزائيڊنگ آفيسر ۽ واسطيدار ميمبر تائين پهچائيندو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته پارلياماني سربراھه پارٽي سربراھه ماتحت آهي. پارٽي سربراھه کي ئي ڪنهن پارلياماني ميمبر کي منحرف قرار ڏيڻ جا اختيار به آهن جنهن کي پارلياماني سربراھه فقط اڳتي موڪلي سگهي ٿو. تنهن ڪري ڪورٽ سڳوري آڏو مک سوال اهوآهي ته پارلياماني پارٽي ۽ پارٽي سربراھه مان ڪنهن جي فيصلي جي حڪم عدولي جي صورت ۾ ميمبر کي منحرف قرار ڏئي سگهجي ٿو.؟جي هن دفعي ڪو نئون نظريه ضررت گهڙيو ويو ته ان سان فيصلو ڪندڙ هن جنگاڻ جو مرڪز بنجي ويندا خاص طور جڏهن ان معاملي تي سياسي پارٽيون ٻٽو معيار ختم ڪري فل ڪورٽ ويهارڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن جنهن تي بهتر ٿيندو ته عمل ڪيووڃي.

پاڪستاني سياست ۾ ٺاپر بدران گرمي وڌي رهي آهي جنهن سان بي يقيني وڌڻ سبب معيشت کي ڌڪ لڳي رهيو آهي. جنهن ڪري آخري حربي طور اسٽيٽ بينڪ وٽ پيل چئن ارب ڊالرن جو سون به وڪرو ڪرڻ جا مشورا ڏنا پيا وڃن. ان سياسي ورهاست جون ڳنڍيون عالمي منظر نامي سان به ڳنڍيل آهن. جتي سپر پاور تبديلي جي مرحلي مان گذري رهيا آهن.ڪي مبصر مڪاني ورهاست کي پراڪسي جنگاڻ به چئي رهيا آهن جنهن۾ عمران خان جي بيانئي کي وڌيڪ مڃتا ملي رهي آهي ڇوته سوشل ميڊيا کي هلائيندڙ نوجوانن جي کيپ وٽس موجود آهي. نون ووٽرن ۾ به نوجوانن جو تعداد وڌيڪ آهي جيڪي سياست جي پيچيدگين کان بيخبر آهن ان ڪري کين سندس بيانيو وڌيڪ اپيل ڪري ٿو. پر عمران خان کي حڪمران اتحاد وارا فسطائي دماغ سڏين ٿا جيڪو ننڍن صوبن خاص طور سنڌ جي حقن جو دشمن ۽ بنيادي طور مضبوط مرڪزيت جو حامي آهي. ان ڪري ئي وفاقي وزير احسن اقبال موجب اصل ڪرتا ڌرتا کيس لاڏ ڪوڏ مان تاتي رهيا آهن. حڪمران اتحاد پنهنجين سمورين ڪوششن باوجود استعمال ٿي پنهنجي ساک وڃائي رهيو آهي. خراب ڪارڪردگي باوجود تازين چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جوووٽ بينڪ وڌيو آهي جيڪا حڪمران اتحاد لاءِ تشويش جي ڳالھه هئڻ گهرجي. ڪي شڪي دماغ اهو به چئي رهيا آهن ته عمران خان کي آخري سال ۾ لاهي حڪمران اتحاد ٺهرائي کين اقتدار ڏيڻ جو مقصد کين خوار خراب ڪري ٻيهر ايندڙ پنجن سالن لاءِ عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ آهي جيئن سندن بقايا ايجندا تي عمل ڪرائي سگهجي. انهن سمورين پريشانين وچ ۾ اها خبر خوش ڪندڙ آهي ته اقوام متحده ۽ ترڪي جنهن پنهنجو نالو مٽائي ترڪيه رکيو آهي، ٻنهي روس ۽ يوڪرين سان الڳ الڳ معاهدا ڪري جنگ ۾ ڦاٿل ٽن سامونڊي بندرن تي جنگبندي طئي ڪئي آهي جيئن اتان اڍائي ڪروڙ ٽن اناج دنيا کي پهچائي سگهجي. ان سان نه فقط اناج سستو ٿيندو پر يوڪرين جنگ جي خاتمي جي به اميد پيدا ٿي رهي آهي.