اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي بعد گهٽتائي، 31 اربن جو ڪاروبار

0
400

ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچرن ۾ ڪاروبار گڏوچڙ رهيو، 100 انڊيڪس 33 پوائنٽون گهٽجي 48 هزار 93 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 4 سالن جي بلند ترين سطح 48 هزار 434 پوائنٽن تي پهتو پر ڪاروبار ختم ٿيڻ تي اها سطح برقرار رهي نه سگهي، ڪاروبار ختم ٿيڻ تي انڊيڪس گهٽجي ويو. بازار ۾ 88 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو جن جي ماليت 31 ارب رپيا هئي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 16 ارب رپين جي اضافي سان 8 هزار 331 ارب رپيا ٿي وئي.