اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) تحريڪ انصاف حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ مهينو مهلت ڏيندي 48 ڪلاڪن اندر اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه پي ٽي آءِ جي سياسي ڪاميٽي جي عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس کان پوءِ ٿيل فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري چيو آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ اسلام آباد اندر وڏو جلسو ڪنداسين، حڪومت کي هڪ مهيني جو وقت اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ ڏيون ٿا، هن حڪومت کي ان کان وڌيڪ وقت نه ٿو ڏئي سگهجي، هن چيو ته افغانستان اندر ڊرون حملو ٿيو آهي، ڊرون حملي ۾ ايمن الظواهري مارجي ويو آهي، ڇا ڊرون حملي لاءِ پاڪستاني ايئربيس استعمال ٿيا؟ ان حوالي سان پرڏيهي وزارت پوزيشن واضح ڪري، پاڪستان پهريان به دهشتگردي جي جنگ ۾ ڀاري قيمت ادا ڪري چڪو آهي، اگر افغانستان ۾ ٿيل تازي ڊرون حملي ۾ پاڪستان جي مدد شامل هئي ته افغانستان سان تعلقات ٻيهر خراب ٿي سگهن ٿا، ان ڪري هر پاڪستاني ڳڻتي جو شڪار آهي، هن چيو ته اسان چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، پر اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ تحريڪ انصاف خلاف تمام گهڻي جلدي ۾ آهي، اهو ممڪن ناهي ته هي اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائي سگهي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن جي تبديلي ضروري آهي، سياسي ۽ معاشي استحڪام جو واحد رستو عام چونڊون آهن، اسان فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ اسلام آباد ۾ تمام وڏو جلسو ڪنداسين، جلسي ۾ حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڊيڊ لائين ڏني ويندي ، هن حڪومت کي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت نه ٿا ڏئي سگهون، وڌيڪ وقت ڏيڻ جو مقصد ملڪ جي معيشت تباهه ڪرڻ آهي، اليڪشن ڪميشن کي ن ليگ جي محبت ۾ عدالتن جي به پرواهه ناهي، اسان اليڪشن ڪميشن خلاف عدالت ۾ وڃي چڪا آهيون، اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن جو استعيفائون منظور ڪري چڪو آهي، موجوده اسپيڪر وٽ انهن استعيفائن تي نظرثاني ڪرڻ يا ٽڪڙن ۾ استعيفائون منظور ڪرڻ جو اختيار ناهي، اميد آهي ته اسان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان انصاف ملندو، هن چيو ته عمران خان شهيد پاڪ فوج جي آفيسر جنرل سرفراز جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي، شهيد فوجي آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، جعلي اڪائونٽ ذريعي انهن مٿان تنقيد جي مذمت ڪيون ٿا. ههوڏانهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي فارغ ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو نواز شريف کي ايماندار ثابت ڪرڻ ڏکيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفا ڏئي نه ته اسان کي ڪو  قدم کڻڻو پوندو، هي ملڪ رانا ثناءُ الله جو ناهي جو هن سڄو اسلام آباد بند ڪري ڇڏيو. هن نواز ليگ جي قائد نواز شريف تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان کي فارغ ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو نواز شريف کي ايماندار ثابت ڪرڻ ڏکيو آهي.