لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ غازي سوشل ويلفيئر طرفان “عورت و سياسي سماجي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ سياست ۾ عورت جي ڪردار” جي سري هيٺ ڊائلاگ سيشن ٿيو جنهن ۾صنعنت کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري ندا کهڙو، لاڙڪاڻو  پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، پي ٽي آءِ جي ناديه ايڊووڪيٽ، ثمرين، عاليه رضوي، لالا مقبول قريشي، پنجل خان سانگي سميت، مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن، وڪيلن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جي اڪثر شهرن ۽ٻهراڙين ۾ عورت اميدوار حصو وٺي رهيون آهن جنهن جا مستقبل ۾ بهتر نتيجا نڪرندا ۽ اهي عورتون چونڊجي پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪري سگهنديون ۽ عورتن جي مسئلن کي حل ڪنديون. هنن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ عورتن جي نمائندگي نه هئڻ جي برابر آهي تنهن ڪري عورتن جا مسئلا حل نه ٿا ٿين ۽ عورتون ٿاڻي تي وڃي شڪايت ڪرڻ کان به لنوائينديون آهن،هنن چيو ته مردن جيان عورتن کي به سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي جيئن هو چونڊجي عورتن جي مسئلن کي حل ڪري سگهن ان لاءِ سول سوسائٽي، سياسي پارٽين ۽معاشري جي هر فرد کي عورتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي جيئن عورتن کي پنهنجا حق ملي سگهن.