اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سڄي ملڪ ۾ 5 نيون خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن مطابق بلوچستان ۾ 3، پنجاب ۽ سنڌ ۾ هڪ هڪ نئين خصوصي عدالت قائم ٿيندي، وفاقي ڪابينا کان سرڪيوليشن جي ذريعي قانون وزارت جي سمري جي منظوري ورتي وئي، ذريعن مطابق اسمگلنگ روڪڻ، ڪسٽمز، ٽيڪسيشن جون 5 نيون خصوصي عدالتون قائم ٿينديون، خصوصي عدالتون ڪراچي، ڪوئيٽا، چمن، نوشڪي، ملتان ۾ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، خصوصي عدالتون ڪسٽمز ايڪٽ 1969 تحت قائم ڪيون وينديون.