اسلم رئيساڻي جي يو آءِ ۾ شموليت جي دعوت قبولي ورتي

0
237
اسلم رئيساڻي جي يو آءِ ۾ شموليت جي دعوت قبولي ورتي
اسلم رئيساڻي جي يو آءِ ۾ شموليت جي دعوت قبولي ورتي

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ اسلم رئيساڻي جي يو آءِ ۾ شموليت جي دعوت قبول ڪري ورتي، پنهنجي بيان ”ڊگري ڊگري هوندي آهي، سياست، سياست هوندي آهي، سبب مشهور پيپلزپارٽي دور ۾ بلوچستان جو وزيراعليٰ رهندڙ نواب اسلم رئيساڻي جمعيت علماءِ اسلام ۾ شموليت جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي،

ذريعن موجب اسلم رئيساڻي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران پارٽي ۾ شموليت جي دعوت قبول ڪئي، واضح رهي ته اسلم رئيساڻي 2018ع جي عام چونڊن ۾ آزاد حيثيت ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي چونڊيو هو، ان وقت بلوچستان ۾ اپوزيشن جي بينچن تي ويٺل هو.