اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن پاران مهيني کان بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽائون موڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن علي حسن بجير، محمد بجير، مفتي رفيق امين  بجير۽ ٻين دانهيندي چيو ته مهيني کان ڳوٺ جو بجلي جو  سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نٿو ڪيو وڃي، سمورو ڳوٺ مهيني کان اوندھ ۾ ٻڏل آهي، شڪايتن باوجود حيسڪو عملدار دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪئي وڃي.