اسلام ڪوٽ (ن پ ا)  ٿرڪول بلاڪ ٽو جي کاڻين مان نڪرندڙ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ گوڙاڻو ۾ ٺاهيل ڊيم سبب متاثر ٿيل ڳوٺ سليمان حجام جي رهواسين عورتن،مردن ۽ ٻارڙن سميت اينگرو ڪمپني جي زيادتين خلاف اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي،جتي چوٿين ڏينهن به رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  بيواھ حرمي ٻائي،حسينت ٻائي،رُڪائي ٻائي ۽ مردن ابراهيم حجام،عارب حجام،عرس حجام ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گوڙاڻي ڊيم سبب متاثر ٿي ٻي هنڌ عارضي طور ويٺل آهيون، اينگرو ڪمپني مسلسل شروع کان وٺي مسئلا حل ڪرڻ جا واعدا ڪيا، معاضي جي رقم سميت گهر ٺاهي ڏيڻ جا واعدا ڪيا ويا،جنهن مان ڪنهن هڪ تي به عمل ٿي ناهي سگهيو،  نظرانداز ڪيو ويو آهي،نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.