اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ڀڳت سنت نيڻورام جو  49 هون  ساليانو ميلو  پورڻ ڀارتي آشرم ۾  شروع ٿي ويو آهي،  شري رامچندر مندر مان ڏولي ڪڍي سنت نيڻورام آشرم آندي وئي، جنهن ۾ سوين عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي، انهي دوران نوجوانن پاران دهل تي جهمريون پڻ هنيون ويون، جنهن بعد ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي، ايم  پي اي راڻا همير سنگھه، سينيٽر اشوڪ رتناڻي، پ پ پ اڳواڻ سشيل ملاڻي،ڀڳت ماتورام،پنچائت جي اڳواڻن ڪمليش ڪمار، گهنشامداس، ڊاڪٽرشنڪرلال  ۽ ٻين کٽ صاحب تي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو، بعد ۾ آرتي،  ست سنگ ۽ ڪيرتن جاري رهيو، جڏهن ته اڄ صبح جو هون يگيه ڪري ڌڄا صاحب اسٿاپن ڪئي ويندي.ميلي ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمندن جي پهچڻ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته ميلي جا ٽئي ڏينهن ست سنگ ڪيرتن جاري رهندو، جنهن ۾ سنڌ جا نالي وارا ڀڳت ڀڄن ڳائي سنت تي شرڌا جا ڦول ارپڻ ڪندا. ميلي جي حوالي سان  سيڪيورٽي جا انتظام  انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.