اسلام ڪوٽ(ن پ ا ) اسلام ڪوٽ جي  ڳوٺ چانچي جي ويري ۽ ڳوٺ ڪرنوريو جي رهواسين ڀيل برادري جي ماڻهن   اڳوڻي ناظم  چاندرو ڀيل جي اڳواڻي ۾جيرام،نانجو،لڄپت،پرڀو، مصري،ماوجي،پهلاج،ويرجي ۽ ٻين پاران بااثر خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين چيو ته بااثر وڏيرن بلدياتي اليڪشن بعد اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، بااثرن گس بند ڪري ڇڏيا آهن، تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، بااثر زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.