اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ وسائيپوٽا برادري جي ٽن ڌرين جا بااثرن خلاف ڌار ڌار مظاهرا، بااثرن تي روينيو عملدارن جي ڳٺجوڙ سان روينيو رڪارڊ ۾ هيراڦيريءَ جو الزام. تفصيل موجب اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ کاکڻهيار جي رهواسين سڄڻ وسائيپوٽو، رسول بخش، حضور بخش، احمد خان، باگو، خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برادري جي بااثرن اسان جي اباڻي زمين بخشش ۽ گروي ڄاڻائي ڪوڙن کاتن ذريعي پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏي آهي. ٻِي ڌر جي اميربخش،سعيدخان، صاحب ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برادري جي بااثرن زمين خريداريءَ جي آڙ ۾ صحيحون وٺي اسان جي موروثي ٻنين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائي ظلم ڪيو آهي. هنن گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ٽِين ڌر جي حُسين بخش، اميربخش ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته مخالفن اسان جي 200 موروثي سروي نمبرن تي قبضو ڪري ورتوآهي. ڪيترن ئي نمبرن جا ڪوڙا کاتا ڪري وڪرو ڪري ڇڏيا آهن ۽ اُنهن نمبرن ۾ اسان جو ڪو به حصو ناهي ڄاڻايو ويو. هنن روينيو اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.